19 خميس , جولاءِ 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان شريف خاندان جا ريفرنس گڏائڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شريف خاندان جا ريفرنسز گڏائڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ شريف خاندان جا ريفرنسز گڏائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل اعظم نذير دليل ڏيندي چيو ته ريفرنس نمبر 18 ۽ 19 ۾ جوابدار هڪ جهڙا آهن، عدالت کي درخواست آهي ته ٻنهي ريفرنسز کي گڏ ڪيو وڃي. نيب جي پراسيڪيوٽر سردار مظفر ججز کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٽنهي ريفرنسز ۾ شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي تنهن ڪري نواز شريف جا ريفرنسز گڏائڻ بابت درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، ان کي خارج ڪيو وڃي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فليگ شپ انويسٽمينٽ ڪيس ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنسز کي گڏ ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي قيادت کي خطرو آهي: نيڪٽا سربراهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيڪٽا جي سربراهه ڊاڪٽر سليمان انڪشاف ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے