18 جمعرات , جنوری 2018

سائنسدانن 2018ع ۾ خوفناڪ زلزلن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) هڪ نئين پر تڪراري تحقيق موجب ايندڙ سال ڪيترائي زلزلا اچي سگهن ٿا.  سامونڊي طوفان يا ٻوڏ هجي اهڙن خطرن جي اڳڪٿي ڪري سگهجي پر سڀ کان وڌيڪ تباهي پکيڙيندڙ آفت زلزلي جي اڳڪٿي ڪرڻ ناممڪن هوندو آهي. ماهر ان مقصد لاءِ ڪنهن علائقي جي ماضي کي ڏسندا آهن يا وري زلزلن جي تاري، فالٽس جي حرڪتن ۽ ٻين رخن تي تحقيق کانپوءِ سال جي اڳڪٿي ڪري سگهجي پر اهي به ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ٿي سگهي ٿيون، جڏهن ته غلطيءَ جي گنجائش به ٿي سگهي ٿي. آمريڪي ماهرن جي هڪ ٽيم چيو آهي ته شايد ايندڙ سال معمول کان وڌيڪ زلزلا ظاهر ٿي سگهن ٿا ۽ سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته زمين جي گردشي حرڪت ۾ معمول جي گهٽتائي ٿي آهي. يونيورسٽي آف مونٽانا جي ريبيڪا بينڊڪ ۽ يونيورسٽي آف ڪولاراڊو جي راجر بلهم هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي جنهن جا تفصيل جيالوجيڪل سوسائٽي آف آمريڪا جي سالياني ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ماهرن نئين تحقيق تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته ضروري ناهي ته زمين اندر پگهرجندڙ مادا ايترا طاقتور هجن جو هو زمين تي زلزلا آڻي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيني ڪمپني ايپل ۽ سام سنگ کي مات ڏئي ڇڏي

لاس ويگاس (ويب ڊيسڪ) ايپل ۽ سام سنگ جي سمارٽ فون ڊسپلي جي تياري ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے