24 آچر , جون 2018

ڏندن کي اڇو ۽ چمڪدار بڻائڻ جو گهريلو نسخو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چوندا آهن ته انسان جي پهرين منهن تي پوندي آهي ۽ منهن جي حسين مسڪراهٽ ئي انسان کي حسين کان حسين بڻائيندي آهي. مسڪراهٽ کي حسين بڻائڻ ۾ خوبصورت ڏند ئي بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن پر ماڻهن جي اڪثريت ڏندن کي صاف ۽ ٻين بيمارين کان بچائڻ ۾ ناڪام رهندي آهي. تنهن هوندي هڪ گهريلو نسخو اهڙو به آهي جنهن تي عمل ڪري ڏندن کي بنا ڪنهن دوا جي استعمال جي اڇو ۽ چمڪدار بڻائي سگهجي ٿو.

شيون:

هيڊ: 2 چانهه جا چمچا

کائڻ واري سوڊا: 2 چانهه جا چمچا

ناريل جو تيل: ڏيڍ چمچو

طريقو: هيڊ کائڻ واري سوڊا ۽ ناريل جي تيل کي پاڻ ۾ گڏايو ۽ سٺي نموني گڏائي بوتل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ان کي 15 ڏينهن تائين ڏندن کي صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. ائين ڪرڻ سان توهان جا ڏند موتين جيان اڇا ۽ چمڪدار ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿَڌ ۾ چهري جي سونهن برقرار رکڻ لاءِ گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي چهري تي به خشڪي ٿي ويندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے