20 ہفتہ , جنوری 2018

سعودي ۾ گرفتار شهزادا آمريڪي ڪمپني بليڪ واٽر حوالي، شهزادي طلال ۽ ٻين تي تشدد

رياض ( ويب ڊيسڪ ) ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سعودي شهزادن کان آمريڪي خانگي سڪيورٽي ڪمپني بليڪ واٽر جا اهلڪار جاچ ڪري رهيا آهن جنهن دوران مٿن تشدد به ڪيو پيو وڃي. برطانوي ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار شهزادن کان جاچ لاءِ بدنام آمريڪي سڪيورٽي ڪمپني بليڪ واٽر جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، بليڪ واٽر جا اهلڪار شهزاد کان جاچ ڪري رهيا آهن جنهن دوران مٿن تشدد پڻ ڪيو پيو وڃي.  برطانوي ميڊيا موجب سعودي ولي عهد جي حڪم تي سعودي شهزادن تي آمريڪي سڪيورٽي بليڪ واٽر جا اهلڪار تشدد ڪري رهيا آهن، گرفتار ٿيل شهزادن کي رياض جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جن شهزادن تي تشدد ڪيو پيو وڃي تنهن ۾ شهزاده وليد بن طلال به شامل آهي. برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته شهزادي وليد بن طلال کي ابتو ٽنگي مٿس تشدد ڪيو ويو. بليڪ واٽر جا اهلڪار شهزادن کي مارڪٽ ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد کين اندروني طور ڪمزور ڪرڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف طرفان 10 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي عدالتن مان سزا مليل 10 دهشتگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے