17 اڱارو , جولاءِ 2018

ڌرڻي بابت حڪومت جي فيصلي تي عمل ڪنداسين: ميجر جنرل آصف غفور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ فوج رياست جو ادارو آهي ۽ ڌرڻي جي سلسلي ۾ حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي، ان تي عمل ڪنداسين. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته حڪومت جڏهن به فوج کي گهرايو ته فوج ذميواري نڀائي، معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿي وڃي ته بهتر آهي پر ڌرڻي جي سلسلي ۾ حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي، ان تي عمل ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته شهيد اسان جي خاندان جو حصو هوندا آهن، اسان انهن جي جنازن ۾ شرڪت ڪندا آهيون، دهشتگردي خلاف جنگ سولي ناهي، سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ٿي رهيا آهن، جيڪي ڳجهن ادارن جي اطلاعن تي ٿي رهيا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ آپريشن وڌيڪ بهتر ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ اميدوار ناصر چيما کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ چونڊ پوسٽر تي آرمي چيف ۽ چيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے