19 خميس , جولاءِ 2018

اسحاق ڊار کان ناڻي وزارت جون ذميواريون واپس ورتيون ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسحاق ڊار کان ناڻي واري وزارت ۽ اقتصادي معاملن جون ذميواريون واپس ورتيون ويون آهن. اسحاق ڊار طبعيت ۾ خرابي سبب وزارت جو قلمدان واپس وٺڻ ۽ ذميوارين تان هٿ کڻڻ لاءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي 20 نومبر تي خط لکيو هو، جيڪو اڄ وزيراعظم کي وصول ٿيو، جنهن تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صلاح مشوري کانپوءِ شاهد خاقان عباسي، اسحاق ڊار جون موڪلون منظور ڪندي کانئس سڀ ذميواريون واپس وٺي ڇڏيون آهن. رولز 17 (1) 1975 موجب کيس موڪل ڏني وئي آهي، جيڪا وڌ ۾ وڌ ٽن مهينن تائين ٿي سگهي ٿي. اسحاق ڊار کان واپس ورتل ذميواريون وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وٽ رهنديون ۽ صلاح مشوري کانپوءِ هو ناڻي واري وزارت جو قلمدان ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي قيادت کي خطرو آهي: نيڪٽا سربراهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيڪٽا جي سربراهه ڊاڪٽر سليمان انڪشاف ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے