21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

دبنگ خان فلم ”ريس 3“ لاءِ 7 کان 8 ڪلو وزن گهٽائيندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان فلم ”ريس 3“ لاءِ 7 کان 8 ڪلو وزن گهٽ ڪندو. ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم ”ريس 3“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، فلم ”ريس 3“ اڳوڻي فلم ريس جو ٽيون سيڪوئل آهي، فلم جي پهرين سيڪوئل ۾ سيف علي خان ۽ اڪشي کنا مک ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته فلم ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ فلم جو ٻيو سيڪوئل 2013ع ۾ ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ سيف علي خان ۽ جان ابراهم سان گڏ انيل ڪپور به مک ڪردار ادا ڪيو هو، فلم جو ٻيو سيڪوئل به هٽ ثابت ٿيو، پر هاڻي فلم جو ٽيون سيڪوئل ٺاهيو پيو وڃي، فلم جي ٽئين سيڪوئل ”ريس 3“ ۾ مک ڪردار لاءِ سيف علي خان ۽ جان ابراهم بدران سلمان خان، بوبي ديول ۽ انيل ڪپور  سان گڏ ڊيزي شاهه کي مک ڪردار لاءِ چونڊيو ويو آهي، فلم ۾ دبنگ خان جي هيروئن اداڪارا ار جيڪلين فرنينڊس بڻبي، جڏهن ته فلم جي هدايتڪاري ريمو ڊي سوزا ڪري رهيو آهي، فلم جي شوٽنگ شروع ٿي چڪي آهي. سلمان خان پنهنجي نئين فلم ”ريس 3“ لاءِ وزن گهٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ هن ايپل ڊائيٽ پلان پڻ ترتيب ڏنو آهي ۽ هو روزاني جي بنياد تي ورڪ آئوٽ ۽ ورزش ڪندو. فلم ۾ سلمان کي پنهنجي ڪردار لاءِ 7 کان 8 ڪلو وزن گهٽ ڪرڻو آهي، فلم ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The movie "teefa in trouble ", which will be released today, will be released today

”طيفا ان ٽربل“  جو  ريليز کان اڳ شاندار پريميئر ، فلم اڄ ريليز ڪئي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪار ۽ راڳي علي ظفر ۽ مايا علي جي فلم”طيفا ان ٽربل“ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے