19 خميس , جولاءِ 2018

فلمن ۾ ولين ۽ هيرو جا ڪردار نڀائيندڙ نانا پاٽيڪر اصل زندگيءَ جو ۾ ”هيرو“

ممبئي (شوبز نيوز) فلمن ۾ ڪڏهن ولين ۽ ڪڏهن هيرو جا ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار نانا پاٽيڪر اصل زندگيءَ ۾ هيرو آهي، نانا پاٽيڪر جيترو ڪمائي ٿو ان جو 90 سيڪڙو غريب ۽ حقدار ماڻهن ۾ ورهائيندو آهي، نانا پاٽيڪر اڄ به پنهنجي ماءُ سان گڏ هڪ بيڊ روم واري اپارٽمنٽ ۾ رهندو آهي. سلور اسڪرين تي ماڻهن کي پنهنجي ولين جي اداڪاريءَ سان متاثر ڪندڙ ۽ پنهنجي خطرناڪ آواز جو مالڪ  اداڪار نانا پاٽيڪر حقيقي زندگي ۾ هڪ ”هيرو“ آهي، ”انڊيا ٽائمز“ نانا پاٽيڪر بابت راز تان پردو کڻندي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکيو آهي ته اداڪار نانا پاٽيڪر  پنهنجي ڪمائي جو 90 سيڪڙو غريب ۽ حقدار ماڻهن ۾ ورهائيندو آهي ۽ رڳو 10 سيڪڙو ئي پاڻ تي خرچ ڪندو آهي، ممبئي ۾ هڪ پاسي ته باليووڊ جا اسٽار بادشاهن واري زندگي گذارين ٿا، پر باليووڊ سپر اسٽار نانا پاٽيڪر لگزري لائف اسٽائيل جي حيثيت رکڻ باوجود به پنهنجي ماءُ سان گڏ هڪ بيڊ روم واري اپارٽمينٽ ۾ رهندو آهي. ڏڪار هٿان تنگ اچي خودڪشي ڪندڙ 62 غريب هارين کي نانا پاٽيڪر پنهنجي ڪمائي مان 15000 في خاندان ادا ڪيا، اهو ئي نه پر نانا پاٽيڪر جي فلاحي تنظيم هارين جي ڀلائي لاءِ 22 ڪروڙ رپيا جمع ڪيا ۽ انهن پئسن کي سڪل دريائن ۽ ڍنڍن ۾ ٻيهر پاڻي ڀرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته جيئن هاري ۽ انهن جي خاندان کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ميسر ٿي سگهي. نانا پاٽيڪر سان ماڻهن جي محبت ۽ ان مٿان اعتماد جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جي فلاحي تنظيم کي پهرين ڏينهن ئي 80 لک رپين جو چندو ڏنو ويو. ڪنهن به فلم ۾ ڪردار جي حوالي سان مڪمل طور لهي وڃڻ واري نانا پاٽيڪر ڪيترائي فلم فيئر ۽ نيشنل ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا. روڊن تي سنگهه ۽ فلمن جا پوسٽر بڻائڻ عيوض 35 رپيا ڪمائيندڙ نانا پاٽيڪر بالي ووڊ ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته اهو ماڻهن ۾ دلين ۾ به جڳهه بڻائڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian actor, rita bhaduri was insulted

ڀارتي اداڪارا ريتا بهادري ديهانت ڪري وئي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ريتا بهادري 62 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي جي مقامي اسپتال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے