15 جمعو , ڊسمبر 2017

سوئٽزرلينڊ براهمداغ بگٽي جي سياسي پناهه واري درخواست رد ڪري ڇڏي

بيرن (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ناراض بلوچ اڳواڻ براهمداغ بگٽي جي سياسي پناهه واري درخواست 7 سالن کان پوءِ رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب پاڪستان حڪومت طرفان ناراض بلوچ اڳواڻ کي قومي سٿ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي پر براهمداغ بگٽي حڪومتي آڇ کي رد ڪندي ڀارت جي چوڻ تي بلوچستان ۾ تخريبڪاري جي سرگرمين ۾ ملوث رهيو. براهمداغ بگٽي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته 7 سالن جي انتظار کان پوءِ سوئٽزرلينڊ منهنجي سياسي پناهه واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو: سعد رفيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے