16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

سي پيڪ جي رستي ۾ آيل ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: نواب ثناءُ الله زهري

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري چيو آهي ته سي پيڪ جي رستي ۾ آيل ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پنهنجن جوانن جي رت جو نذرانو ڏئي ان ٻوٽي کي سنڀالي رهيا آهيون. تفصيل موجب ثناءُ الله زهري سان گوادر ۾ وفد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران ڳالهائيندي ثناءُ الله زهري چيو ته سي پيڪ ۾ شامل گوادر جي منصوبي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان گوادر جديد بندرگاهه بڻجي ويندو، اسان ڄاڻون ٿا ته گوادر کي پاڻي جي گهٽتائي واري مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو پوي. هن چيو ته سي پيڪ سمورن صوبن لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے