16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

مشرف کان وزارت جو حلف کڻڻ جو ڏک سڄي عمر رهندو: خواجا سعد رفيق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته منهنجي خلاف جاچ جون خبرون اچي رهيون آهن پر ان تي ڪو به رد عمل نه ڏيندس. منهنجي جهولي بلڪل صاف آهي، مون کي سڄي زندگي 2008ع ۾ جنرل (ر) پرويز مشرف کان وزارت جو حلف کڻڻ جو افسوس رهندو. نواز شريف ادارن سان ٽڪراءُ جو حامي ناهي پر اسان سان جيڪو ٿي رهيو آهي ان جو 90 سيڪڙو به اسان بيان نٿا ڪري سگهون. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته پنهنجي خلاف جاچ جون خبرون ڏسي رهيو آهيان پر آئون هن وقت رد عمل نه ڏيندس. مون تي لڳايل سمورا اهي الزام پراڻا آهن پر هاڻ ان ۾ ڪردار نوان آيا آهن. انتقامي ڪارروائيون جيتريون به سخت هجن منهنجا دوست ۽ ساٿي منهنجو ساٿ نه ڇڏيدنا ۽ نه ئي هاڻ طويل جدوجهد کان پوءِ عمر جي ان حصي ۾ منهنجي اندر ڪا تبديلي ايندي. الزامن جي حوالي سان ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته منهنجي جهولي تي ڪو به داغ ناهي ۽ نه ئي ضمير تي ڪو وزن آهي. سعد رفيق ادارن جي وچ ۾ محاذ آرائي جي تاثر جي مخالفت ڪندي چيو ته محاذ آرائي جي حق ۾ ناهيون ۽ نه ئي نواز شريف تڪرار جي حق ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے