15 جمعو , ڊسمبر 2017

ملڪي دولت ڪجهه خاندانن تائين محدود ٿي چڪي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقتدار جي بک رکندڙ سياستدانن ۽ نااهل حڪمرانن جو مسئلن ڏانهن ڌيان ناهي، اسان اڄ به پنهنجي نظرئي تي قائم آهيون. هولو گرام ٽيڪنالاجي ذريعي گوجر خان ۾ جلسي کي خطاب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي دولت ڪجهه خاندانن تائين محدود ٿي چڪي آهي، مهانگي ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، هر سال 30 لک نوجوان بي روزگار ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته 50 سال اڳ جي حالتن ۽ اڄوڪين حالتن ۾ فرق آهي، ان وقت هڪ آمر جو قبضو هو، 50 سال اڳ شهيد ڀٽو نظام خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو، هن غريبن ۽ پورهيتن جي ڳالهه ڪئي، عوام کي آواز ۽ نظريو ڏنو، شهيد ڀٽو عوام جو هٿ شهيد بينظير ڀٽو جي هٿ ۾ ڏنو هو، شهيد بي بي سندس روايت کي برقرار رکيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو: سعد رفيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے