22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڀارتي پوليس هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ مسلمان عورت کان برقعو لهرائي ڇڏيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پوليس چونڊن جي جلسي ۾ شريڪ هڪ مسلمان عورت کان زبردستي برقعو لهرائي ڇڏيو. دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جو دعويدار ڀارت جو اقليتن ناليواري مذهبي آزادي جو اصل بي نقاب ٿي ويو. اتر پرديش ۾ چونڊ مهم دوران وڏي وزير يوگي آدٿيا ناٿ جي موجودگي ۾ پنڊال جي سيڪيورٽي تي مقرر عورت پوليس آفيسر برقعو پهريل مسلمان عورت کي سر عام بي حجاب ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پوليس آفيسر جي حڪم تي عورت پهرين حجاب هٽايو تنهن هوندي آفيسر کي اطمينان نه ٿيو ته سيڪيورٽي خدشن جو بهانو بڻائي جلسي ۾ ئي سڄو برقعو لهرائي ڇڏيو. ڄاڻايل عورت ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس نالو سائره آهي ۽ هوءَ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ چونڊ مهم ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي رهي هئي جڏهن ته هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان برقعو پائي هيستائين  آئي ۽ ان اسلامي پردي تي ڪنهن به کيس نه روڪيو. ٻئي پاسي ويڊيو منظر تي اچڻ کان پوءِ ضلعي انتظاميا جاچ جو حڪم ڏيندي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے