16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

پاڪستان مان ڪيريئر شروع ڪرڻ چاهيان ٿي: عاتڪا فيروز

لاهور (شوبز نيوز) آمريڪا ۾ “مِس پاڪستان ورلڊ ” جو ٽائٽل کٽيندڙ عارڪا فيروز چيو ته پاڪستان مان پنهنجو ڪيريئر شروع ڪرڻ چاهيان ٿي . ميڊيا سان ڳالهائيندي عاتڪا فيروز چيو ته ايڪٽنگ سان گڏوگڏ رقص جي ترتيب پڻ حاصل ڪري رهي آهيان پر جيتوڻيڪ ڳالهه فلم ۽ ٽي وي ۾ ڪم ڪرڻ جي آهي ته مون کي آمريڪا ۾ ڪجهه پروجيڪٽ آفر ٿيا آهن پر في الحال آئون ڪو به سائن ناهي ڪيو. پاڪستان مان پنهنجو ڪيريئر شروع ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ جڏهن به مون کي ڪو سٺو پروجيڪٽ ملندو ته آئون ضرور ڪم ڪنديس. عاتڪا فيروز چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي. پڙيل لکيل نوجوانن فلم انڊسٽري جي ڀڄ ڊُڪ سنڀالي ۽ هاڻ جتي فنانسرز هتي سيڙپ ڪاري لاءِ اڳتي اچي رهيا آهن، اتي ئي ڪارپوريٽ سيڪٽر جي دلچسپي پڻ ان شعبي ۾ وڌڻ لڳي آهي. ماڊل چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي سپورٽ لاءِ جتي نوجوانن کي ڪم جا موقعا ڏنا پيا وڃن، جيڪڏهن اهڙي ريت آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا ۽ يورپ سميت ٻين ملڪن ۾ رهندڙ باصلاحيت فنڪارن کي هتي ڪم ڪرڻ جو مناسب موقعو ڏنو وڃي ته ان جا نتيجا سٺا ئي ايندا، هئن به فن ۽ فنڪارن جي ڪا به سرحد نه هوندي آهي. جهڙي ريت پاڪستاني فلمون ۾ ڪجهه بالي ووڊ اسٽارز کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي يا بالي ووڊ ۾ پاڪستاني فنڪارن کي سائن ڪيو پيو وڃي تنهن هوندي جيڪڏهن اهڙي ريت پاڪستان جا نوجوان فلم ميڪر برڏيهي ملڪ مان ٽيلينٽڊ ماڻهن کي پنهنجي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا ڏئي ته ههڪ پاسي انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين رسائي ٿيندي ۽ ٻئ پاسي فلمن جو معيار پڻ بهتر ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسڪر ايوارڊ لاءِ پاڪستاني فلمن جي نامزدگي تمام وڏي ڪاميابي آهي: سهائي علي ابڙو

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سهائي  علي ابڙو چيو آهي ته آسڪر ايوارڊ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے