16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ن ليگ ۾ اڄ پهريون ڀيرو باغي ڌڙو منظر تي اچي ويو: حامد مير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر تجزئي نگار حامد مير چيو آهي ته اڳ به چئي چڪو آهيان، ن ليگ ۾ باغي نه بيچين گروپ آهي، ان کي نواز شريف جي پاليسي تي اعتراض آهي ته کيس رياستي ادارن سان تڪرار نه ڪرڻ گهرجي، اڄ ن ليگ ميمبرن پ پ جو بل رد ته ڪرائي ڇڏيو پر انهن جا 50 ميمبر نه آيا، جيتوڻيڪ نه ايندڙن کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو چيو ويو هو، هاڻ اهو بيچين ڌڙو باغي بڻجي ويو آهي، ن ليگ ۾ اڄ پهريون ڀيرو باغي ڌڙو منظر تي آيو آهي. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حامد مير جو چوڻ هو ته ن ليگ وارا تسليم نه ڪندا پر انهن ۾ بغاوت جي شروعات ٿي وئي آهي، منهنجو اسيمبلي نه ايندڙ ڪجهه ميمبرن سان رابطو ٿيو، جن جو چوڻ هو ته نواز شريف اسان جو اڳواڻ آهي، اسان کليل مخالفت نٿا ڪيون پر جڏهن سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته اسان قومي اسيمبليءَ مان اهڙو بل ڪيئن منظور ڪرايون، ان سان ٻئي ادارا آمهون سامهون اچي ويندا، قومي اسيمبلي ۽ سپريم ڪورٽ کي آمهون سامهون ڪرڻ ن ليگ جي حق ۾ ناهي. هن چيو ته چوڌري نثار کليل لفظن ۾ چئي چڪو آهي ته ن ليگ رياستي ادارن سان تڪرار نه ڪري ۽ اڄ به هو اجلاس ۾ خاموش ويٺل رهيو، ن ليگ جي قيادت مڃي يا نه اڃا تائين پارٽي کي ٽوڙڻ جو اهڙو عمل شروع ناهي ٿيو، جيڪو ماضي ۾ ٿيندو هو، جيتوڻيڪ ڪجهه اين ايم ايز کانئن پڇيو ته ڇا ڪرڻ گهرجي، جنهن تي کين جواب مليو ته اسان کي خبر ناهي، اسان اهو ڪم نه ڪري رهيا آهيون، اهو ن ليگ لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے