21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ن ليگ وارا فوج ۽ سپريم ڪورٽ کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ چاهين ٿا: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ڪاميابي ملي آهي ته مڃڻي پوندي، ن ليگ وارا کٽيا ضرور آهن پر هارائيندو اهي آهي، جيڪو هار مڃي، اسان هار ناهي مڃي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هي عوام جي بهتري لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيا آهن، 30 ورهين کان ملڪ جا حڪمران آهن پر پنهنجو متبادل ناهن ٺاهي سگهيا، انهن وٽ وقت گهٽ رهجي ويو آهي ۽ پنهنجي انجام تي پهچڻ وارا آهن. هن چيو ته ن ليگ وارا ڊنل ۽ بزدل ماڻهو آهن، انهن کي پاڇي کان به ڊڄ ٿيندو آهي، اسان چئي رهيا آهيون ته اهي چور ۽ ڦورو آهن، جيڪڏهن قوم انهن کي صادق ۽ امين سمجهي ٿي ته اها ايندڙ چونڊن ۾ خبر پئجي ويندي. سندس چوڻ هو ته معذرت سان چوان ٿو اهي فوج ۽ سپريم ڪورٽ اڳيان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ چاهين ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چڪوال ۾ تخريبڪاري جو منصوبو ناڪام،2 مبينا دهشتگرد گرفتار

چڪوال ( ويب ڊيسڪ ) چڪوال ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي شهر ۾ دهشتگرديءَ جي وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے