16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

زمبابوي جي صدر نيٺ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

هراري (ويب ڊيسڪ) زمبابوي جي صدر رابرٽ موگابي نيٺ پنهنجي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سند 37 ورهين جي حڪمراني پڄاڻي تي پهتي آهي. سندس استعيفيٰ جي تصديق زمبابوي جي پارليامينٽ جي اسپيڪر جيڪب مڊنڊا ڪئي آهي. ان کان اڳ رابرٽ موگابي پنهنجي قوم کي خطاب ڪيو هو، جنهن ۾ هن استعيفيٰ جو  ذڪر نه ڪيو هو. زمبابوي جي صدر مخالفن جي تنقيد کي تسليم ڪندي چيو ته ملڪي صورتحال کي ٻيهر معمول تي آڻڻ جي ضرورت آهي. رابرٽ موگابي جو چوڻ هو ته فوج ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان مان فوج جي کٽڪن کي سمجهان ٿو، جنهن کي جلد ختم ڪيو ويندو. واضح رهي ته موگابي طرفان نائب صدر ايمرسن مننگاوا جي برطرفي کانپوءِ زمبابوي ۾ سياسي بحران پيدا  ٿيو هو، جنهن کانپوءِ فوج 15 نومبر تي اهم سرڪاري ادارن جو ڪنٽرول سنڀاليندي موگابي کي سندس رهائش گاهه تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. ايمرسن مننگاوا کي 93 ورهين جي موگابي کانپوءِ صدارت لاءِ امڪاني اميدوار سمجهيو پئي ويو پر موگابي پنهنجي گهرواريءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. موگابي 1970ع ۾ برطانيا جي غلبي مان آزادي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ 1980ع ۾ زمبابوي کي آزادي ملڻ کانپوءِ اقتدار سنڀاليائين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام خدمت ڪندڙ قيادت کي هميشه ياد رکندو آهي: شهباز شريف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته خدمت ڪندڙ قيادت کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے