19 اربع , سيپٽمبر 2018

تکيون مٺيون ڳالهيون | فضيلا سرڪي به آزاد ٿيڻ گهرجي

• پاناما ليڪس جي ٻي قسط ۾ وائکا ٿيل پاڪستاني!!
• پاناما ليڪس ۾ آيل 95 سيڪڙو چور آهن.
• پاناما ليڪس ۾ آيل 5سيڪڙو پنهنجي ملڪي پاليسين مان بيزار آهن.
• پاڪستان جي ڪنهن به حڪمران کي عوام جي تڪليفن جو احساس ناهي.
• شهباز تاثير کانپوءِ حيدر گيلانيءَ جي آزادي سرهائي ڏيندڙ خبر
• فضيلا سرڪي به آزاد ٿيڻ گهرجي.
• تاثير ۽ گيلانيءَ لاءِ ذاتي ڪوشش وٺندڙ آصف زرداري، فضيلا لاءِ به ڪوشش وٺي.
• سنڌ ۾ امتحانن ۾ ڪاپيءَ ۾ والدين ، شاگرد، استاد ۽ معاشرو ملوث آهي.
• سنڌ جي ٻهراڙين جي سمورن سينٽرن تي ڪاپي عام ڳالهه آهي.
• ڪاپيءَ جي ناسور ۾ ته پنجاب ملوث ناهي.
• بلوچستان ۾ ظاهر ٿيل ڪرپشن اسڪينڊل ڊاڪٽر مالڪ کي ڌڪ رسايو

بلاول ڪشمير کان اڳ فضيلا کي آزاد ڪرائي: عوامي آواز ٽي وي
لک ڪمپنين جا اثاثا ظاهر ڪرڻ دنيا جي تاريخ ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ عمل آهي
ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ضروري آهي: ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ قاسم راڄپر جون ”تکيون مٺيون ڳالهيون“ ۾ اظهار
ڪراچي ( رپورٽر ) بلاول ڀُٽو زرداري ڪشمير جي آزاديءَ کان اڳ فضيلا سرڪيءَ کي آزاد ڪرائي. پاناما ليڪس ۾ آيل نالا عالمي چور آهن. سنڌ کي ڪاپي اڏوهيءَ وانگر کائي رهي آهي. اهڙو اظهار ڊاڪٽر ايوب شِخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام “تکيون مٺيون ڳالهيون” ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته 2 لک ڪمپنين جا اثاثا ظاهر ڪرڻ دنيا جي تاريخ ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ عمل آهي. پنجاهه کرب روپين جي چوري سڄي قوم جي سرمائي تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. هنن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ حيدر گيلانيءَ جي بازيابي هڪ سٺو عمل آهي. پاناما ليڪس اصل ۾ چوري ڪندڙن جو پئسو ظاهر ڪيو آهي، پاناما ليڪس ۾ جيڪي به نالا ظاهر ڪيا آهن، اهي اصل ۾ اُسرندڙ ۽ جاگيردار ملڪن ۾ شامل ٿين ٿا. جتي ڪرپشن ۽ بادشاهيءَ جي ڪري عوامي ملڪيت کي ذاتي ملڪيت سمجهي لٽيو وڃي ٿو، هنن چيو ته مشتاق رئيساڻي جي گهران پئسا نڪرڻ وارو معاملو صوبائي حڪومت لاءِ سواليه نشان آهي. ان معاملي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ لاءِ ڏکيائي پيدا ڪئي آهي. فضيلا سرڪي جي معاملي تي هنن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي بااثر ماڻهن کي فضيلا جي گهر وارن جي مدد ڪرڻ گهرجي.بلاول ڀُٽي زرداري جي ڏنل بيان تي هنن چيو ته ڪشمير آزاد ڪرائڻ کان پهرين بلاول کي فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائڻ کپي.ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، امتحان دوران مانيٽرنگ سيل قائم ڪيا وڃن ته جيئن ڪاپي کي روڪي سگهجي ڪاپي ڪلچر جي خاتمي تائين بهتر مسقبل جي اميد رکڻ اجايو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے