15 جمعو , ڊسمبر 2017

جاپان ۾ حادثي کان پوءِ سمورن آمريڪي فوجين جي شراب واپرائڻ تي پابندي لاڳو

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ مقرر هڪ آمريڪي فوجي نشي جي حالت ۾ ٽرڪ سان گاڏي کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي جو ڊرائيور فوت ٿي ويو. برطانوي  خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان جي جزيري اوڪيناوا ۾ مقرر آمريڪي فوجين جو هڪ اهلڪار ٽريفڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جاپاني شخص فوت ٿي ويو.  جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته آمريڪي فوجي اهلڪار شراب جي نشي ۾ هو ۽ جاپاني پوليس ٻڌايو ته آمريڪي اهلڪار جي رت ۾ الڪوحل جو مقدار مقرر حد کان ٽي سيڪڙو وڌيڪ هو. جاپاني پوليس موجب فوجي اهلڪار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ ان تي غير ذميواراڻي ڊرائيونگ جو الزام لڳايو ويو آهي. ان واقعي کان پوءِ آمريڪا اوڪيناوا جزيري ۾ موجود پنهنجي سمورن فوجين تي شراب واپرائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته اهلڪار غير ضروري طور تي گهرن يا فوجي اڏن کان ٻاهر نه نڪرن. آمريڪي فوج طرفان جاري بيان ۾ واقعي جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته ان جو اهلڪار ٽريفڪ حادثي جو شڪار ٿيو ۽ حادثي جو سبب نشي جي حالت ۾ ڊرائيور ڪرڻ هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي ملڪ پسند ۽ ناپسند تحت يڪجهتي جي اظهار کان پاسو ڪن: جرمن چانسلر

برسلز (ويب ڊيسڪ) جرمن چانسلر انجيلا ميرڪل يورپي يونين جي سمٽ شروع ٿيڻ کان اڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے