19 خميس , جولاءِ 2018

ڪيترن ئي مسلم ملڪن سان ڳجها لاڳاپا آهن: اسرائيل جو انڪشاف

يروشلم (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي توانائي واري وزير يووال اشٽائن ٽز دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جا ڪيترن ئي عرب ۽ مسلم ملڪن سان لاڳاپا آهن پر انهن کي ڳجهو رکيو ويو آهي. سعودي عرب سان سفارتي لاڳاپن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ اسرائيلي وزير جو چوڻ هو ته لاڳاپا ڳجها رکڻ جي درخواست عام طور تي ”ٻئي پاسي“ کان ڪئي ويندي آهي ۽ اسان کي اهڙي درخواست جو خيال رکڻو پوندو آهي. ان کان اڳ اسرائيلي فوج جي سربراهه هڪ سعودي نيوز ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏنو هو، جنهن کانپوءِ اهڙن افواهن کي هٿي ملي هئي ته انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳجها سفارتي لاڳاپا آهن، جنهن جو ويجهر ۾ ئي باقاعدي اعلان ٿي سگهي ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ داعش جو حملو، طالبان ڪمانڊر سميت 20 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي سرپل ۾ شدت پسند تنظيم عداش جي حملي ۾ طالبان ڪمانڊر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے