16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

عوامي آواز رپورٽ:هالا ۾ مخدوم امين فهيم جي ٻي ورسي ملهائي وئي، پ پ مرڪزي قيادت جي شرڪت

پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽُو رزداريءَ چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ عوام کي ئي اصل طاقت جو محور سمجهيو آهي…………..،

پيش آهي خورشيد ٻگهيو جي هي رپورٽ……………………..،

مخدوم امين فهيم جي ٻي ورسي هالا ۾ ٿي گذري جنهن ۾ بلاول ڀٽو سميت پيپلز پارٽيءَ جي اهم قيادت شرڪت ڪئي، انهيءَ موقعي تي بلاول ڀٽو سميت سمورن اڳواڻ مخدوم امين فهيم کي خراج تحسين پيش ڪيو………………………،

مخدوم امين فهيم جون پارٽيءَ لاءِ خدمتون لازوال آهن، فوجي آمر ضياءَ الحق مخدوم طالب الموليٰ ۽ آمر مشرف مخدوم امين فهيم کي پارٽيءَ سان وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پر انهن هر عهدي کي ٺڪرائي پيپلز پارٽيءَ سان وفا ڪئي……….،

مخدوم امين فهيم جي ٻي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جڏهن کان پيپلز پارٽيءَ سان آهيون تڏهن کان مخدوم خاندان سان پڻ نيازمندي آهي……………..،

سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مخدوم امين فهيم نه رڳو اصول پرست سياستدان پر هڪ سٺو شاعر پڻ هو…………،

پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته مخدوم خاندان ۽ پيپلز پارٽي لازم ۽ ملزوم آهن،…………………..،

مخدوم امين فهيم جي ورسي تقريب جي موقعي تي مخدوم سرور نوح جي 18 هين سجاده نشين ۽ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان پڻ خطاب………….

تقريب کي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه، منظور وساڻ، ايم پي اي ڄام مدد علي، وقار مهدي سميت ٻين آيل مهمانن شرڪت ڪئي…….

تقريب پڄاڻا بلاول ڀٽو هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٽيچنگ هاسپٽل جو پڻ سنگ بنياد رکيو.

 

 

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| سم سور هڏي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گٽڪو وڪرو ڪندڙ ڊيلر گرفتار

سم سور هڏي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گٽڪو وڪرو ڪندڙ ڊيلر گرفتار سم سور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے