19 خميس , جولاءِ 2018

نواز شريف کي نااهل ڪرڻ وارو عدالتي فيصلو بلڪل درست هو: پرويز مشرف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته نواز شريف کي نااهل ڪرڻ جو عدالتي فيصلو بلڪل درست آهي، دنيا ڄاڻي ٿي ته هو معصوم بڻجڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي. دبئي کان لنڊن پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي بهتري لاءِ ڏيهه وڃڻ ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي، ملڪ ۾ اڃان به سياسي اتحاد بڻجندا، مهاجر ڪارڊ جو مخالف آهيان ڪڏهن استعمال ناهي ڪيو. اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته جهاز کي هاءِ جيڪ ڪرڻ وارو ڪيس درست نه هو، مان ته پاڻ سريلنڪا ۾ هيس مون کيس سندس سازش جو علم نه هو. پرويز مشرف جي لنڊن پهچڻ تي آل پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻن سندس استقبال ڪيو، جنهن ۾ پارٽي جا اعليٰ عهديدار به موجود هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي قيادت کي خطرو آهي: نيڪٽا سربراهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيڪٽا جي سربراهه ڊاڪٽر سليمان انڪشاف ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے