17 اڱارو , جولاءِ 2018

نواز شريف نااهل ٿي ويو، ٻئي ڪنهن کي پارٽي صدر بڻائي: پرويز الاهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ ق ليگ اڳواڻ پرويز الاهي چيو آهي ته نواز شريف جو پارٽي صدارت ڪرڻ سواليا نشان آهي، هو نااهل ٿي ويو، هاڻ ٻئي ڪنهن کي پارٽي جو صدر بڻائي، نواز شريف وٽ عزت ئي ناهي هو ٻئي ڪنهن کي ڇا ڏيندو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته اسان جو ڪڏهن به ڪنهن سان واسطو ختم ناهي ٿيندو، ڀل اهو پارٽي ڇڏي هليو وڃي، اسان جا ماڻهو ن ليگ ۾ ويا هئا، هاڻ واپس ق ليگ ۾ ايندا، خبر پئجي ويندي ته ڪيترا ماڻهو اسان سان گڏ آهن. هن چيو ته سياست ۾ ون ڊي ناهي هوندي، سيريز هلندي آهي، شهباز شريف ماڊل ٽائون ۾ ڏينهن ڏٺي 16 قتل ڪرايا، هاڻ ايم اين ايز کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي ڪرپشن ۽ مني لانڊنگ تي ڪڍيو، اهل ميمبرن جي اڳواڻي نااهل شخص ڪري رهيو آهي، هاڻ ن ليگ ميمبر سڌو سنئون نواز شريف جي مخالفت ۾ سامهون ايندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Firing on the vehicle of Shaikh Aftab's leader, he was miraculously saved

ن ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب جي گاڏي تي فائرنگ ، معجزاڻي طور بچي ويو

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے