15 جمعو , ڊسمبر 2017

اسلام آباد: ڌماڪيدار مادو دهشتگردي لاءِ نه پئي کڻي ويس: شڪي شخص جو پوليس کي بيان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻي جي ڀرسان ڌماڪيدار مادي سميت گرفتار شڪي شخص دهشتگردي جي تاثر کي رد ڪندي پوليس کي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڌماڪيدار مادو روات ۾ هائوس سوسائٽي ۾ روڊ ٺاهڻ کڻي وڃي رهيو هيس. اسلام آباد ۾ پوليس ڌرڻي جي ڀرسان گرفتار شڪي شخص جي حوالي سان چيو ته شروعاتي بيان ۾ شاهه فيصل ٻڌايو ته هو روات جي ڀرسان تعمير هيٺ هائوسنگ سوسائٽي ۾ روڊ بڻائڻ لاءِ جبل جي بلاسٽنگ لاءِ سامان کڻي وڃي رهيو هو. شاهه فيصل ٻڌايو ته ترنول ڀرسان اهو سمورو مواد انهيءَ سوسائٽي جي مالڪ مهيا ڪيو جنهن کي کڻي کيس ترنول کان ڪشمير هاءِ وي ۽ پوءِ ايڪسپريس هاءِ وي جي ذريعي روات پهچڻو هو. پوليس موجب شاهه فيصل جو اهو به چوڻ آهي ته هن کي اها خبر ئي نه هئي ته ڌرڻو ڪٿي ۽ ڇو هنيو ويو آهي.  ٻئي پاسي سوسائٽي جي مالڪ موجب هن اهو سامان بلاسٽنگ لاءِ خريدڻ جو لائسنس به وٺي رکيو آهي. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار شخص خلاف ڪيس ضرور داخل ٿيندو ڇو ته ڊيٽونيٽر ۽ ٻيون بارودي مواد بنا ڪنهن حفاظتي انتظام جي کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي جنهن لاءِ خاص حفاظتي نظام هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو: سعد رفيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے