16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ڀارت ۾ ميچ فڪسرن خلاف 10 سال جيل جي سزا

نيئن دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ ميچ فڪسرز خلاف گهيرو سخت ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون جڏهن ته ڀارتي بورڊ جي اڳوڻي صدر انوراگ ٺاڪر راند ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ بل پارليمينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر ۽ حڪمران پارٽي بي جي پي جي اڳواڻ انوراگ ٺاڪر هڪ پرائيويٽ ممبر بل پارليمنٽ ۾ جمع ڪرايو آهي جنهن ۾ هن ميچ فڪسنگ ۾ ملوثن کي 10 سال لاءِ جيل ۾ وجهڻ جي تجويز ڏني آهي گڏ ئي فڪسنگ لاءِ ڏنل رقم تي پنج سيڪڙو ڏنڊ لڳائڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي. اهو بل سياري جي موسم جي پارليمنٽ سيشن دوران پيش ڪيو ويندو. انوراگ ٺاڪر اهو مطالبو پڻ ڪيو آهي ته سموري اسپورٽس فيڊريشن لاءِ هڪ مرڪزي ايٿڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي جتي ڊوپنگ، ميچ فڪسنگ، عمر جي حوالي سان فراڊ، عورتن کي هيسائڻ سميت سموري معاملن جو جائزو ورتو وڃي، هن اها تجويز پڻ پيش ڪئي ته ان ڪميٽي کي سول ڪورٽ جيترا اختيار حاصل هجڻ گهرجن، ان ڪميٽي جي ميمبرن جو انگ 6 هجي جنهن ۾ 4 سپريم يا هاءِ ڪورٽ جي ريٽائرڊ ججز هجڻ گهرجن، گڏ ئي ڪميٽي جي ميمبرن لاءِ چيف جسٽس سان ڳالهين جي تجويز ڦڻ ڏني. انوراگ ٺاڪر جو چوڻ هو ته  ڀارتي آئين ۾ ڪنهن به ميچ فڪسر لاءِ باقاعدا سزا موجود ناهي، ان لاءِ هو پڪڙجڻ تي سولائيءَ سان پاڻ کي ڪليئر ڪري وٺندو آهي، قانون جي موجودگي ۾ ميچ فڪسرن کي سخت سزا ڏيارڻ ممڪن ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسپاٽ فڪسنگ: محمد عرفان اسڪائيپ تي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

شارجا/لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ڪرڪيٽر شاهه زيب حسن ڪيس ۾ فاسٽ بالر محمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے