15 جمعو , ڊسمبر 2017

دلروان پريرا تي ڊريسنگ روم مان رهنمائي حاصل ڪرڻ جو الزام

ڪولڪتا (اسپورٽس نيوز) دلروان پريرا تي به ڊي آر ايس لاءِ ڊريسنگ روم مان رهنمائي حاصل ڪرڻ جو الزام لڳي ويو. ڀارت خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ دلروان پريرا تي پڻ ڊي آر ايس لاءِ ڊريسنگ روم مان رهنمائي حاصل ڪرڻ جو الزام لڳو، کيس چوٿين ڏهاڙي امپائر نائجل لونگ ايل بي ڊبليو قرار ڏنو، هو ميدان مان ٻاهر وڃڻ لڳو پر اوچتو بيهي رهيو ۽ واپس ويندي ريويو لاءِ چيائين، جنهن تي هن خلاف آن فيلڊ امپائر جو فيصلو رد ٿيو ۽ کيس بيٽنگ جاري رکڻ جي اجازت ملي وئي. دلروان پريرا تي الزام مڙهيو پيو وڃي ته کيس ڊريسنگ روم مان ريويو وٺڻ جو اشارو ڏنو ويو جڏهن ته ائين ڪرڻ آءِ سي سي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ٻئي پاسي ڪمنٽيٽر سنجي منجيڪر جو چوڻ آهي ته ان شئي جو ثبوت موجود ناهي ته پريرا ڊريسنگ روم مان رهنمائي حاصل ڪئي تنهن هوندي منهنجو آءِ سي سي کان مطالبو آهي ته بيٽنگ سائيڊ لاءِ ريويو جو فيصلو ڪرڻ جو دورانيو 15 سيڪنڊ هجڻ گهرجي ۽ بيٽسمين کي ڊريسنگ روم مان رهنمائي جي اجازت پڻ هئڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊرني ٽوئنٽي فرسٽ سنچري فوڪس جا اثاثا خريدي ورتا

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداري ٽوئنٽي سنچري پنهنجن اثاثن جو وڏو حصو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے