17 اڱارو , جولاءِ 2018

رئيل ميڊرڊ جي ڪپتان راموس جي نَڪَ جي هڏي ڀڄي پئي

ميڊرڊ (اسپورٽس نيوز) ايٽليٽڪو ميڊرڊ خلاف ميچ دوران رئيل ميڊرڊ جي ڪپتان سرگيو راموس جي نِڪِ جي هڏي ٽٽڻ جي تصديق ٿي وئي. ميچ دوران حريف رانديگر لوڪاس هرنانڊيز جو بوٽ راموس جي منهن تي لڳو هو جنهن سان سندس نَڪَ  جي هڏي ڀڄي پئي. رئيل ميڊرڊ کي ان ڳالهه جي ڏاڍي ڪاوڙ آهي ته ريفري فرنانڊز بورلين لوڪاس جي ان حرڪت باوجود رئيل ميڊرڊ کي پنالٽي نه ڏني. ڪلب طرفان اهو نه ٻڌايو ويو آ ته لوڪاس گهڻي عرصي تائين راند کان پري رهندو تنهن هوندي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هو ايندڙ هفتي جي پڄاڻي تائين واپس اچي سگهي ٿو تنهن هوندي سندس نڪ تي حفاظتي ماسڪ لڳائي ميدان ۾ لهڻو پوندو. واضح رهي ته هاف ٽائم کان پوءِ هو ميچ نه کيڏي سگهيو هو ۽ بعد ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ميچ جي تصديق ٿي وئي ته سندس نڪ ۾ فريڪچر ٿي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FIFA World Cup winners have arrived in France, wonderful fans

فيفا عالمي ڪپ جا فاتح فرانس پهچي ويا، شاندار آجيان

پئرس(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جي فاتح وطن پهچي ويا، فرانس پهچڻ تي مداحن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے