20 خميس , سيپٽمبر 2018

زمبابوين صدر جو قوم سان خطاب، استعيفيٰ جو ذڪر ئي نه ڪيو

هراري(ويب ڊيسڪ) زمبابوي ۾ سياسي هلچل جاري آهي جڏهن ته صدر رابرٽ موگابي قوم سان خطاب ۾ استعيفيٰ جو ذڪر ئي نه ڪيو ۽ ايندڙ مهيني حڪمران پارٽي جي ڪانگريس جي صدارت جو اعلان ڪري ڇڏيو. قوم سان خطاب دوران امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته 37 سالن تائين اقتدار ۾ رهندڙ صدر رابرٽ موگابي استعيفيٰ جو اعلان ڪندو تنهن هوندي هن استعيفيٰ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي. صدر رابرٽ موگابي مخالفن طرفان ڪيل تنقيد کي تسليم ڪيو ۽ چيو ته ملڪي صورتحال کي ٻيهر معمول تي آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر موگابي چيو ته فوج جو ڪمانڊر هجڻ جي حيثيت سان هو فوج جي خدشن کي سمجهي سگهي ٿو ۽ انهن خدشن کي جلد ختم ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے