19 خميس , جولاءِ 2018

انڊر 19 ايشيا ڪپ: افغانين شاهينن جا پر ڪتري ڇڏيا

ڪوالالمپور(اسپورٽس نيوز) افغانستان اڪرام فيضي ۽ مجيب جي بهترين ڪارڪردگي سبب پاڪستان کي انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائينل ۾ 185 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي چئمپين بڻجندڙ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ڪوالالمپور ۾ کيڏيل اي سي سي انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائينل ۾ پاڪستان جي ڪپتان حسن علي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. افغانستان جي انڊر 19 ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽڻ جي نقصان تي 248 رنسن ٺاهيون، وڪيٽ ڪيپر بيسمين اڪرام فيضي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 10 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن سان ناقابل شڪست 107 رنسن جي اننگز کيڏي. ان کان سواءِ ٻين بيٽسمينن ۾ رحمان گل 40 ۽ ابراهيم زدران 36 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستان طرفان محمد موسيٰ 3 ۽ شاهين شاهه آفريدي ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. هدف جو پيڇو ڪندي پاڪستان انڊر 19 ٽيم جي پوري بيٽنگ لائين تباهه ٿي وئي ۽ 22.1 اوورن ۾ 63 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. محمد طحه 19 ۽ حسن خان 10 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن ته ان کان سواءِ ڪوبه رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيو. مجيب زدران تباهه ڪندڙ بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 13 رنسن ڏئي 5 رانديگرن کي پويلين موٽايو جڏهن ته قيس احمد به 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ميچ ۾ فتح سان گڏ ئي افغانستان پهريون ڀيرو انڊر 19 ايشيا ڪپ جو چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. اڪرام فيضي کي ميچ جڏهن ته مجيب زدران کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The England team defeated India by 8 runs for the first time

انگلش ٽيم  ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

ليڊز(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڀارت کي ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سريز ٽئين ۽ آخري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے