19 خميس , جولاءِ 2018

انور علي ڪراچي وائيٽس جو ٻڏندڙ ٻيڙو تاري ڇڏيو، پشاور کي شڪست

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڪراچي وائيٽس جي ٽيم  دلچسپ مقابلي کانپوءِ پشاور کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. راولپنڊي ۾ قومي ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي 18هين ميچ ڪراچي وائيٽس ۽ پشاور جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ پشاور جي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهيون. پشاور طرفان اوپنرن رفعت الله ۽ اسرار الله شاندار ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ ٻئي 50-50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان زوهيب خان 21، نويد ياسين 16، عبيد الله 7، مصدق احمد ۽ بسم الله خان ترتيب وار 3-3 رنسون ٺاهي سگهيا. ڪراچي طرفان اسد شفيق ۽ اعظم خان 2-2، جڏهن ته انور علي، رومان رئيس ۽ ذوالفقار بابر هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڪراچي جي ٽيم 19.3 اوورن ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. انور علي 20 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 41 رنسن جي ناٽ آئوٽ شاندار اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻين رانديگرن ۾ اڪبر الرحمان 29، ڪپتان سرفراز احمد 28، خرم منظور 17، حارث سهيل 15 ۽ اسد شفيق 13 رنسون ٺاهيون. انور علي کي بهترين ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The England team defeated India by 8 runs for the first time

انگلش ٽيم  ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

ليڊز(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڀارت کي ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سريز ٽئين ۽ آخري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے