24 سومر , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ طالبان جو حملو، 6 پوليس اهلڪار مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ): افغانستان جي صوبي فراه ۾ طالبان طرفان چيڪ پوسٽ تي ڪيل هڪ حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 پوليس اهلڪار مارجي ويا آهن، صوبائي گورنر جي ترجمان محمد نصير مهري جو چوڻ هيو ته ڇنڇر جي رات ٿيل حملي ۾ 8 پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا هئا، جڏهن ته 8 حملو ڪندڙن کي به ماريو ويو هيو ۽ هٿياربند مقابلي ۾ وڌيڪ 5 زخمي ٿي پيا هئا، طلابان طرفان حملي جي ذميداري قبول ڪئي وئي اهي، ٻئي طرف اترين صوبي قندوز ۾ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، ضلعي چيف محبوب الله سعيدي جو چوڻ هيو ته افغان سڪيورٽي فورسز جي رستي ۾ بم رکڻ جي ڪوشش دوران ويڙهاڪ مارجي ويا، خيال رهي ته طالبان طرفان افغان فورسز کي نشانو بڻائڻ جي نئين مهم دوران سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان پوليس جو ٿيو اهي، جتي هيل تائين ڪيترائي پوليس اهلڪار مارجي چڪا آهن، گذريل هفتي طالبان طرفان ڪيترين ئي چيڪ پوائنٽس تي حملن جي نتيجي ۾ افغان پوليس ۽ فوجي سميت 20 اهلڪار مارجي ويا هئا، قنڌار جي گورنر جي ترجمان قدرت خوش بخت ٻڌايو ته گذريل رات طالبان ميوند ۽ زهاري ضلعن ۾ پوليس چيڪ پوائنٽس تي حملا ڪيا، جن ۾ 22 پوليس اهلڪار مارجي ويا، سندس چوڻ هيو ته تقريبن ڇهه ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 45 شدت پسند به مارجي ويا، قنڌار پوليس جي ترجمان مطيع الله بلال ٻڌايو ته هڪ حملي ۾ شدت پسندن چيڪ پوائنٽ کي اڏائڻ لاءِ بارود سان ڀريل گاڏي استعمال ڪئي، شدت پسندن جي انهن مربوط حملن ۾ 15 پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا، گذريلي مهيني 15 آڪٽوبر تي افغانستان جي اوڀر ۽ ڏکڻ علائقن ۾ طالبان جي مختلف حملن ۾ 15 افغان پوليس اهلڪار مارجي ويا هئا، غزني جي گورنر جي ترجمان عارف نوري چيو هيو ته صوبي ۾ چيڪ پوائنٽ تي حملي ۾ 9 پوليس اهلڪار مارجي ۽ 4 زخمي ٿي پيا، هن چيو ته هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ رهندڙ جهڙپ دوران 7 دهشتگرد به مارجي ۽ 5 زخمي ٿي پيا، ان کان اڳ رات دير سان طالبان ڏاکڻي صوبي زاهل جي هڪ وڌيڪ چيڪ پوائنٽ کي نشانو بڻايو ويو هيو، جنهن بعد جهڙپن دوران 6 پوليس اهلڪار ۽ 8 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sobho dero, Motorcycle Racing, Escape , Emperor

خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ شروع

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف آمدني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے