25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

يوٽيوب وڊيوز واٽس ايپ ۾ به ڏسڻ ممڪن ٿي ويندو؟

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): واٽس ايپ کي ته سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ سوا ارب جي ويجهو ماڻهو استعمال ڪندا آهن ۽ صارفن طرفان دوستن کي يوٽيوب وڊيوز جون لنڪس به موڪليون وينديون آهن پر هيل تائين يوٽيوب وڊيو کي واٽس ايپ ۾ ڏسي نٿو سگهجي پر گوگل جي ان وڊيو شيئرنگ ايپ تي سوئچ ٿيڻو پوندو آهي، جڏهن ته هاڻي واٽس ايپ صارفن کي ان زحمت کي منهن ڏيڻو نه پوندو ۽ جلد ئي اهو ميسيجنگ ايپليڪيشن جي اندر ئي يو ٽيوب وڊيو کي ڏسي سگهندا، هيل تائين ٻنهي ايپس وچ ۾ سوئچ ڪرڻ ڪو ايترو سٺو تجربو ثابت ناهي ٿيو، واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ هڪ اهڙو ڪوڊ موجود آهي، جيڪو يوٽيوب وڊيو هلائڻ جي تجربي کي بهتر بڻائڻ طرف اشارو ڪري ٿو، ان ڪوڊ سان اهو اشارو ملي ٿو ته يوٽيوب وڊيوز کي واٽس ايپ اندر هلائي سگهبو ۽ صارف ميسينجر ۾ نيويگيشن دوران ئي انهن وڊيوز کي ڏسي سگهندا، هي ڪوڊ واٽس ايپ ورزن 2.17.40 ۾ نظر آيو آهي ۽ صارف ان پڪچر ان پچر موڊ جي ذريعي چيٽ ونڊو ۾ يوٽيوب وڊيو کي ڏسي سگهندا يا فل اسڪرين تي هلائي سگهندا، هي وڊيو اسڪرولنگ سان گڏ به ايپ ۾ حرڪت ڪندي ته جيئن ميسيجز پڙهڻ ۾ ڏکيائي پيش نه اچي، هي فيچر هن وقت آءِ او ايس لاءِ بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، جيڪو ايندڙ هفتن ۾ ڪنهن به وقت ايڪٽو ٿي سگهي ٿو، هي فيچر هن وقت آئي او ايس بعد اينڊرائيڊ تي ڪيستائين سامهون ايندو، ان باري ۾ ڪجهه چوڻ مشڪل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے