23 آچر , سيپٽمبر 2018

موروثي بيماري جو علاج: پهريون ڀيرو انساني جسم ۾ ”ڊي اين اي“ جي ايڊيٽنگ

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): آمريڪي ماهرن دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ انسان جي جسم ۾ ئي ان جي ڊي اين اي جي ايڊيٽنگ ڪري ورتي، جڏهن ته ان ايڊيٽنگ جي ڪامياب يا ناڪام ٿيڻ جا نتيجا سامهون اچڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر اوڪلينڊ جي ”يو سي ايس ايف بينوئف چلڊرن اسپتال“ جي ماهرن 44 سالن جي برين ميڊوڪس جي جسم ۾ ئي ان جي ڊي اين اي جي ايڊيٽنگ ڪئي، برين ميڊوڪس جو تعلق رياست ايريزونا سان آهي، ۽ اهو ”هنٽر سينڊروم“ نالي موروثي بيماري ۾ مبتلا آهي، آمريڪي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽس پريس“ پنهنجي خبر ۾ ٻڌايو ته ڪيليفورنيا جي ڊاڪٽرز جين ٿراپي ٽيڪنيڪ جو استعمال ڪندي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زنده انسان جي جسم ۾ ئي ان جي ڊي اين اي جي ڪوڊنگ جي ايڊيٽنگ ڪئي، ماهرن برين ميڊوڪس جي رضامندي سان ئي ان جي جسم ۾ ڊي اين اي ايڊيٽنگ ڪئي، خابرو اداري موجب ماهرن (Intravenous therapy) جو استعمال ڪندي برين ميڊوڪس جي ڊي اين اي ۾ سوين ايڊيٽنگز ڪيون آهن، جن جا نتيجا اچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو لڳندو، ڊي اين اي ايڊيٽنگ ڪندڙ ماهرن موجب اهو آخري ۽ واحد رستو هيو، جنهن جي ذريعي برين ميڊوڪس جي بيماري ختم ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڊي اين اي ايڊيٽنگ جا نتيجا سٺا آيا ته اهو صحتياب ٿي ويندو، نه ته ان جي بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ٻيو ڪو طريقو ناهي، خيال رهي ته ”هنٽر سينڊروم“ هڪ جينياتي بيماري آهي، جنهن بابت چيو ويندو آهي ته اها ڊي اين اي جي خرابي سبب پيدا ٿيندي آهي، ان بيماري ۾ مبتلا ماڻهو هونئن ته جسماني طور تي وڏا هوندا آهن، پر جتي انهن جو جسم ڪمزور نظر ايندو آهي، اتي اهي ذهني بيمارين ۾ به مبتلا هوندا آهن، ڊي اين اي جي تازي ايڊيٽنگ کان اڳ گذريل مهيني چيني سائنسدانن به انساني ڊي اين اي ڪوڊنگ جي ايڊيٽنگ جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان کان اڳ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ به چيني ماهرن جي هڪ ٽيم ڊي اين اي ايڊيٽنگ جي حوالي سان هڪ منفرد سرجري ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، چيني ماهرن موجب جيڪڏهن انهن جا تجربا ڪامياب ٿي ويا ته سڄي دنيا مان مروثي بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے