18 اربع , جولاءِ 2018

مصر ۾ جيل جهڙو هوٽل، کاڌا به سزائن جي نالن سان ملن ٿا

قاهره (ويب ڊيسڪ): مصر ۾ هڪ هوٽل کي جيل جي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن ۾ کاڌن جا نالا به سزائن جي دفعن تي رکيا ويا آهن، سڄي دنيا ۾ قائم هوٽلز پنهنجي گراهڪن جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ نت نوان طريقا اختيار ڪندا آهن پر مصر ۾ هڪ هوٽل عجيب قسم سان عوام جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب مصر جي شهر المنصوره ۾ هڪ شخص اهڙو هوٽل بڻايو آهي، جيڪو پوري طرح جيل جو منظر پيش ڪندو آهي ۽ عوام جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، جيل نما ان هوٽل ۾ کاڌن جا نالا به سزائن جي دفعن جي نالن تي رکيا ويا آهن، جڏهن ته گراهڪن کي کاڌو به جيل جي ڪوٺڙي نما ڪمرن ۾ ڏنو ويندو آهي، هوٽل مالڪ وليد نعيم موجب هوٽل ۾ صارفن کي کاڌو پيش ڪرڻ لاءِ بڻايل ڪمرا قيدين جي سيل جهڙا آهن، جڏهن ته هوٽل ملازم گراهڪن کي کاڌو پيش ڪرڻ بعد سيل کي بند ڪري سگهن ٿا ۽ کاڌو کائڻ بعد صارف آزادي حاصل ڪري وٺندو آهي، وليد نعيم جو چوڻ آهي ته جيل هوتل ۾ کاڌن جا نالا سزائن مطابق رکيا ويا آهن، جنهن ۾ صارف سڀ کان وڏي سزا موت جي سزا گهري ته ان کي مشرقي مصالحي دار گوشت ۽ عمر قيد گهرندڙ کي گهٽ مصالحي دار گوشت جو سينڊوچ پيش ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

US decision to negotiate with Afghan Taliban

آمريڪا پاران  افغان طالبان سان سڌو ڳالهين جو فيصلو

واشگنٽن(ويب ڊيسڪ) نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته 17 سالن کان هلندڙ افغان گهرو ويڙهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے