17 بدھ , جنوری 2018

انڊونيشيا ۾ انوکو هوٽل، جتي ماني کائڻ لاءِ پئسا نه ڪچرو ڏيڻو پوي ٿو

جڪارتا (ويب ڊيسڪ): انڊونيشيا ۾ هڪ انتهائي غريب علائقي ۾ واقع هڪ وڏي ڪچرا ڪنڊي ۾ زال مڙس هڪ هوٽل کوليو آهي، جتي ري سائيڪل ٿيندڙ پلاسٽڪ ۽ ٻيون شيون جمع ڪرائي مفت ۾ کاڌو کائي سگهجي ٿو ۽ جيڪڏهن اضافي رقم بچندي آهي ته اها به ادا ڪئي ويندي آهي، انڊونيشيا جي علائقي سيمارنگ ۾ هن هوٽل جو نالو ميٿين گئس ڪينٽين آهي، جيڪا هڪ زال مڙس سارمن ۽ سايوتامي هلائيندا آهن، ان علائقي ۾ ڪچري جا جبل آهن، جتي غريب آبادي ڪم جون شيون ڳولي انهن کي وڪرو ڪندي آهي ۽ مشڪل سان ٽي هزار رپيا پاڪستاني هر مهيني ڪمائي سگهندي آهي، اهو جوڙو 40 سالن تائين ان علائقي ۾ ڪچرو چونڊيندو رهيو ۽ هاڻي اتي ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ انهن اهو هوٽل کوليو آهي، هوٽل ۾ کاڌو کائڻ لاءِ روڪ رقم بدران ري سائيڪل يٿڻ وارو ڪچرو ورتو ويندو آهي، جيڪو پلاسٽڪ يا شيشي جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، جيڪو به هتي ايندو آهي، اهو اهو سامان جمع ڪرائيندو آهي ۽ ان جي بدلي کاڌو کائيندو آهي ۽ فرق جي صورت ۾ اضافي رقم به ادا ڪئي ويندي آهي، سارمن چوي ٿو ته روزانو هڪ ٽن کان وڌيڪ پلاسٽڪ ۽ ڪچرو جمع ٿيندو آهي، ان طرح سان اهو ماحول ۾ جمع ناهي ٿيندو ۽ نه ئي درياهه ۾ ويندو آهي، ان طرح سان اهو عمل ڪوڙو چونڊيندڙن ۽ پاڻ ماحول جي لاءِ به فائديمند آهي، هوٽل ۾ 30 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي ۽ انهن کي مڇي، چانور، سبزين جو سوپ، اوٻاريل آنن سان گڏ چانور ۽ ٻيا کاڌا پيش ڪيا ويندا آهن، هڪ کاڌي جي قيمت پاڪستاني 40 کان 80 رپين جي وچ ۾ آهي، هوٽل مالڪن موجب ڪچرو چونڊڻ جي مقابلي ۾ انهن جي آمدني ٻيڻي ٿي چڪي آهي، هن لينڊ فل (ڪچرا گهر) جي اڳوڻي مينيجر 2014 ۾ هن هوٽل جو خيال پيش ڪيو ۽ هاڻي ان طرح سان پلاسٽڪ ۽ شيشي جو وڏو مقدار ري سائيڪل ڪيو ويندو آهي، ان کان اڳ ڪوئي به پلاسٽڪ جي ڪچري کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو پر هاڻي هوٽل ذريعي پلاسٽڪ آلودگي گهٽ ڪئي پئي وڃي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان جڳهه گند ڪچرو سڙڻ سان جيڪا ميٿين گئس پيدا ٿيندي آهي، اها کاڌو پچائڻ جي ڪم ايندي آهي ۽ ان ئي مناسبت سان ان کي ميٿين ڪينٽين جو نالو ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنگلا ديش ۽ ميانمار روهنگيا پناهگيرن جي 2 سالن ۾ وطن واپسي تي متفق

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلا ديش ۽ ميانمار وچ ۾ روهنگيا پناهگيرن جي وطن واپسي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے