15 جمعو , ڊسمبر 2017

انتهاپسندن جي نشاني تي آيل سنڌ

سنڌ پوليس جي دهش گرديءَ سان نبرڻ واري کاتي جنهن کي ڪائونٽر ٽرزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) چون ٿا، تنهن سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي مزار تي هلندڙ سال فيبروريءَ ۾ ٿيل خودڪش حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي دهشگرديءَ جي واردات ۾ ملوث هڪ مکيه جوابدار نادر علي جکراڻي عرف مرشد کي ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي مان گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪائونٽر ٽرزم جي ڊي آءِ جي عامر فاروقي، پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڪرنل شاهد سان ڪراچيءَ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سيوهڻ ۾ قلندر لعل جي درگاهه تي حملو ڪندڙ ۽ حملي جي منصوبابندي ڪندڙن جو تعلق شدت پسند ۽ انتهاپسند تنظيم داعش سان آهي.

گرفتار جوابدار پوليس کي ٻڌايو آهي ته سندس گروهه يعني داعش قلندر جي مزار کي ان ڪري نشانو بڻائڻ ٿي گهري ڇو جو سندن نظر ۾ اتي جيڪي سرگرميون ٿي رهيون هيون سي ڪفر ۽ بدت هيون.

گرفتار جوابدار جنهن جو تعلق ڳوٺ سعيد خان جکراڻي ضلعي ڪشمور سان آهي، تنهن جاچ ادارن کي ٻڌايو آهي ته درگاهه تي حملو بابر بروهيءَ ڪيو، جنهن جو تعلق بلوچستان جي علائقي مستونگ سان هو.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ صوفين ۽ درويشن جي سرزمين آهي، جتان محبت جو ۽ ڳنڍڻ جو پيغام ئي هزارين سالن کان وٺي پکڙجندو رهيو آهي پر ان کان ڪيئن انڪار ڪري سگهجي ٿو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي صوفين جي پيغام کي پٺتي رکڻ لاءِ سنڌ جي پرامن سماج کي مذهبي نفرت، فرقيواريت ۽ لساني توڙي نسلي تعصب سان آلودو ڪندي هن ڌرتيءَ جي امن کي ئي هنڌان هنڌان باهه ڏني وئي. جي لساني ويڇا گهٽجن ٿا ته فرقيواريت جا اُلا اٿن ٿا جي فرقيواريت گهٽجي ٿي ته انتهاپسند اچي ڀڀڙ مچائن ٿا.

شاهه، سچل، سامي، قلندر لعل يا اڏيري لعل کان ذات، پات، جنس ۽ رنگ نسل کان مٿاهون ٿيندي امن جو، انسانيت جو اوکي ويل هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ جو پيغام ئي اڳتي وڌندو رهيو آهي پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ افغان جنگ کان پوءِ جنهن سوچ کي کير پياري چوٽ چاڙهيو ويو، تنهن سوچ پر امن سماجن جي امن کي ئي تاراج ڪري ڇڏيو، معصومن جي رت سان ڌرتي رنڱي ڇڏي ۽ هڪ سماج ۾ نفرت جو ۽ ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ جو ٻج ڇٽيو.

جيئن ڪاروڪاريءَ جهڙي ڪڌي رسم سنڌ جي پنهنجي پيدا ڪيل رسم ناهي پر افغانستان جي جنگجوئن جي علائقن مان بلوچستان ۽ بلوچستان مان سنڌ پهتي، جنهن جو اڄ به وڌ ۾ وڌ مارو بلوچستان سان لڳندڙ سنڌ جي پٽي/ضلعن ۾ وڌيڪ آهي، اهڙي انتهاپسندي واري سوچ جي لپيٽ ۾ به اها ئي پٽي ۽ اهي علائقا تمام گهڻو آيل آهن، اهي علائقا ورهين کان وٺي سرداري نظام هيٺ آهن ۽ پٺتي پيل آهن، شعور جي کوٽ جو شڪار آهن، تعليم کان ڄڻ ته وانجهيل آهن، تنهن ڪري اتي جا رهواسي آسانيءَ سان برين واش ٿي سگهن ٿا ۽ ساڻن ٿي به ايئن رهيو آهي.

افغان جنگ کان پوءِ جيئن ته هيءُ خطو ئي انتهاپسندن ۽ خودڪشن جي لپيٽ ۾ آيل هو ٻيو ته افغان جنگ جو اهم حصو هئڻ ڪري ان جا مثبت يا ناڪاري اثر پاڪستان تي پوڻا ئي هئا، اهڙي طرح سنڌ به هن خطي ۽ هن ملڪ سان ڳنڍيل آهي، تنهن ڪري خطي ۽ ملڪ اندر جيڪا به تبديلي رونما ٿيندي ڀلي اها مثبت هجي يا منفي، سنڌ تي ان جا اثر اوس پوڻا ئي آهن. بلڪل ايئن جيئن پئجي رهيا آهن. ڪاروڪاريءَ جي رسم تحت ٿيندڙ قتل هجن يا قبيلائي جهيڙا يا وري انتهاپسند تنظيمن جو نيٽ ورڪ، انهن جا پيرا بلوچستان سان لڳندڙ سنڌ جي ضلعن، يعني جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، قمبر شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ ملندا. ايئن ناهي ته صوبي جا باقي ضلعا ان کان آجا آهن، اتي به اهي ڪڌايون موجود آهن پر مٿي ڄاڻايل ضلعن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن.

سو چوڻ جو مطلب ته هڪ ته اهي پاليسيون جن تحت سنڌ کي سياسي شعور ۽ سجاڳيءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ انتهاپسندن ۽ شدت پسندن کي ڪلهي تي کڻي اچي سنڌ ۾ لاٿو ويو، سنڌ جي تعليمي درسگاهن مان تعليم کي تڙي انهن کي ڏوهارين جي ٿاڪن ۾ تبديل ڪيو ويو، ڪلاشنڪوف ۽ ڪاپي ڪلچر متعارف ڪرايو ويو، تن پاليسين به سنڌ جي شعوري سگهه کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، ٻيو وري تعليم ڏانهن سنڌ جي اختيارين جو گوٿناٿ ۽ لاپرواهي وارو رويو هو، جنهن به سنڌ جي سماج کي پٺتي رکڻ ۽ تعليم کان محروم علائقن جي نوجوانن کي انتهاپسندن جي آسانيءَ سان هٿ چڙهي وڃڻ جو ڪم ڪيو.

ملڪ اندر هڪ پاسي دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ خلاف ويڙهه جاري آهي، قبيلائي علائقن مان دهشت گرد گروهن جا ٿاڪ ختم ڪيا ويا آهن، آپريشن ضرب عضب، آپريشن رد الفساد ۽ قومي ايڪشن پلان تحت هڪ پاسي ڪارروائيون جاري آهن ته ٻئي پاسي پاڪستان ۾ اهڙا عنصر بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي آسانيءَ سان ڪم ڪندي نظر اچن ٿا.سنڌ ۾ بغير ڪنهن نظام جي مدرسن جو ڄڻ ته ڄار وڇايو پيو وڃي، ايتري قدر جو قدرتي وسيلن يعني ڪوئلي جي نعمت سان مالامال ٿر ۾ به بنا پڇا ڳاڇا ۽ روڪ ٽوڪ جي اهي عنصر وڃي پهتا آهن. سنڌ جو سماج پنهنجي جوهر ۾ نه ته انتهاپسند سماج آهي نه ئي اهڙي سوچ کي قبولي ۽ برداشت ڪري سگهي ٿو. هاڻي جڏهن انتهاپسندن سنڌ کي سنڌ جي صوفين ۽ درويشن جي درگاهن کي پنهنجي نشاني تي آڻي رکيو آهي، تڏهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو هر طبقو شاگرد، سياسي ڪارڪن، ساڃاهه وند، دانشور، اديب، شاعر، فنڪار ان سوچ جي رستا روڪ لاءِ سنڌ جي پيغام کي سنڌ جي صوبن جي امن واري پيغام کي ۽ ڀٽائي جي ”ڳنڍين سارو ڏينهن“ واري پيغام کي جهر جهنگ ڦهلائن، ڇو جو تعليم سان شعور سان ۽ شعور جي سگهه سان ئي انتهاپسندن، انتهاپسند سوچ ۽ کين ڪلهي تي کڻي اچي سنڌ ۾ لاهيندڙن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.

آچر 19 نومبر 2017ع، 29 صفر المظفر 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي دٻاءَ ۾ ملڪي ناڻي جو حشر

پاڪستان سرڪار کي ملڪ جي ڪرنسي جي بدحالي جو نه رڳو نوٽيس وٺڻ گهرجي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے