15 جمعو , ڊسمبر 2017

سنڌي ثقافت جو سفير عبدالستار ڀٽي

آغا نور محمد  پٺاڻ

گذريل هفتي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان محبت ڪندڙ مانائتي شخصيت عبدالستار ڀٽي جي لاڏاڻي جي خبر پئي ته دل کي ڏاڍو صدمو پهتو. جنهن کي اسان پيار ۾ ستار ڀٽي چوندا هياسين ۽ اِهو ان جو ادبي نالو به هيو. مونکي اهو زمانو ياد آهي جڏهن ڪراچي ۾ اسان اڪيڊمي ادبيات جي صوبائي شاخ قائم ڪئي هئي سون، ان زماني ۾ لاڙڪاڻي کان ٻه دوست مونسان ملڻ آيا جن ۾ هڪ عبدالستار ڀٽي هيو ۽ اڪيڊمي ادبيات جي باري ۾ معلومات پڇي هيائون. ان زماني ۾ پنجابي ادب جو هڪ اديب ۽ ناول نگار فخرزمان اسانجو چيئرمين مقرر ٿيو هيو ۽ شهيد بينظر ڀٽو چونڊون کٽي وزير اعظم ٿي آئي هئي. ستار ڀٽي مونکي ٻڌايو هيو ته هو شروع کان وٺي لاڙڪاڻي شهر ۾ شاگردي جي زماني ۾ ڀُٽي صاحب جي شخصيت کان متاثر هيو ۽ شاگردن جي تنظيم سپاف سان به ان جو تعلق هيو ۽ لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽ يونين جو عهديدار به رهيو هيو. انهيءَ وقت ڀُٽي صاحب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪرائي هئي ۽ شاگردن جون سرگرميون ڏاڍيون تيز تر هيون. ان ٻڌايو ته ڪيترا وزير جيڪي هن وقت حڪومت ۾ آهن اهي منهنجا ڪلاس فيلو رهيا آهن، بعد ۾ تعليم جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هو جڏهن پورٽ قاسم ۾ ملازمت دوران ڪراچيءَ ۾ رهيو تڏهن به هن جو ثقافتي سرگرمين جو جوش ۽ جذبو خاموش نه رهيو. هو هتي آيو ته هن سنڌ ڪلچرل اڪيڊمي جي نالي سان هڪ ثقافتي تنظيم ٺاهي. اسانجو دوست مولا بخش چنڊ ۽ محمد اسماعيل چنڊ ان جا ساٿي هيا. مونکي ياد آهي ته ان زماني ۾ گِذري لياري ۽ ملير کانپوءِ سنڌي ماڻهن جو هڪ مشهور ماڳ هيو ۽ جڏهن ته سچل ڳوٺ ۽ ڀٽائي آباد جو اڃا وجود ڪو نه هيو، گِذري ان وقت ريلوي اسٽيشن کان ايندي دهلي ڪالوني، ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۽ جي وچ تي هڪ سنڌين جو ڳوٺ هيو جنهن ۾ اسان دوستن گڏجي گِذري سماجي سنگت قائم ڪئي هئي ۽ موجود وڏي وزير اعليٰ مراد علي شاهه جي والد سيد عبدالله شاهه مرحوم کي دعوت ڏئي گھرايو هيوسون ۽ ان اتي گِذري ڊگري ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو ۽ جيڪو اڄ به اتي الله جي فضل سان موجود آهي ۽ عبدالله شاهه غازي جي مزار جي ڀرسان هڪ سنڌي ميڊيم اسڪول به قائم ڪرايو هيو جيڪو هاڻي سنڌي ميڊيم نه رهيو آهي.

ڪيتريون ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون اسان پنهنجي دوست ستار ڀٽي سان گڏجي ڪيون سي ۽ انجمن ترقي مصنفين ۽ لاڙڪاڻو فرينڊس ۾ به مشهور شاعر ۽ نثر نگار مسلم شميم سان گڏجي به هن ڪافي ڪم ڪيو. ڪراچي ۾ لاڙڪاڻي جا اهي اردو ڳالهائڻ وارا دوست جيڪي لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا جن ۾ مسلم شميم ۽ محسن ڀوپالي (مرحوم) جا نالا مشهور آهن. اهي لاڙڪاڻو فرينڊس جي نالي سان هر سال هڪ ڊنر پروگرام به ڪندا هيا جن ۾ ذوالفقار قادري ۽ ٻيا وڏا وڏا سنڌي ۽ اردو آفيسر گڏ ٿيندا هيا جنهن ۾ ستار ڀٽي جو به وڏو سرگرم ڪردار رهيو آهي.

مونکي ياد آهي ته فخرزمان جي چيئرميني جي زماني ۾ هڪ دفعو هو هوٽل پرل ڪانٽينيٽل ۾ اسان سان ملڻ آيو ۽ هڪ ڪتاب جو مسودو کڻي آيو جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي مشهور اديبن، شاعرن ۽ سماجي شخصيتن جو ذڪر لکيل هيو، تقريباً 300 صفحن جو ڪتاب هو ڪمپوز ڪرائي کڻي آيو هيو ۽ چيائين ته هن وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ فخر زمان چيئرمين آهي تنهن ڪري هي ڪتاب اوهان اڪيڊمي ادبيات پاران ڇپرايو. ان وقت اڪيڊمي سنڌي ڪتاب ڪو نه ڇپرائيندي هئي تنهنڪري فخرزمان به هن کي چيو ته هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڪري کڻي اچو ته پوءِ ڏسنداسين. بهرالحال هي مايوس ٿي موٽيو بعد ۾ اهو ڪتاب هن پاڻ ڪنهن طريقي سان ڇپرائي پڌريو ڪيو. هڪ دفعو پير حسام الدين شاهه راشدي جي ورسي اڪيڊمي ادبيات پاران سنڌي ادبي بورڊ جي تعاون سان هوٽل آواري ٽاور ڪراچي ۾ ملهائي هئي سون جنهن ۾ ان وقت سائين حسين شاهه راشدي به زندهه هيو ۽ سائين غلام رباني آگرو به موجود هيو، ان موقعي تي به هن پير صاحب جي شخصيت تي انگريزي ٻوليءَ ۾ هڪ ڪتاب جو مسودو ڏيکاريو هيو جيڪو ڪنهن سرڪاري اداري ته ڪو نه ڇاپيو پر هن پنهنجي محنتن ۽ ڪوششن سان اهو به ڇپائي پڌرو ڪيو. اهڙا ڪئي ڪتاب ۽ مضمون هن لاڙڪاڻي جي شخصيتن جي باري ۾ لکيا. بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائي:

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين،

اهڙي طريقي سان مونکي ياد آهي سائين خورشيد احمد شاهه جڏهن پهريون دفعو وفاقي وزير تعليم ٿيو تڏهن محمد اسماعيل چنڊ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ملازم هيو ۽ مولا بخش چنڊ ان سان گڏجي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڏينهن ملهايو هيو جنهن ۾ هن سنڌ ڪلچرل اڪيڊمي پاران وڏو شاندار پروگرام منعقد ڪيو هيو جنهن ۾ سائين خورشيد شاهه مهمان خصوصي طور ان ۾ شريڪ ٿيو هيو. انهي زماني کان هن جي ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين جو سلسلو جاري هيو ۽ هو ڪڏهن به واندو نه ويٺو. رٽائرمينٽ کانپوءِ اسان جو هي دوست اسلام آباد ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي اسان نوڪري کان آزاد ٿيا آهيون ۽ هاڻي اهي رهيل ڪم پورا ڪنداسون پر حياتي جا ڏينهن مقرر آهن ۽ اها افسوس ناڪ خبر مونکي پنهنجي ڪراچي جي دوست سنڌ پبلڪ لائبرري ڀٽائي آباد جي سرواڻ جاويد مهر ان وقت ٻڌائي جڏهن مان عمر ڪوٽ ۾ هڪ اسڪول لائبرري جي افتتاحي تقريب ۾ ويٺو هيس. ستار ڀٽي هڪ جفاڪش، باصلاحيت اديب ۽ محقق دوست هيو جنهن ڪراچي ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي سرگرمين کي خوب ملهايو ۽ ان وقت اسان کان جدا ٿيو جڏهن اسان هاڻي ايڪتا جي ڏهاڙي جي حوالي سان ثقافتي سرگرميون ملهائي رهيا آهيون. ضروت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن محبتي انسانن جي ترتيب ڏنل پروگرامن کي هڪ ٽيم جي شڪل ۾ جاري رکيو وڃي ۽ ڪراچي جا اهي ماڳ مقام جيئن سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، گِذري، ملير ۽ لياري آهن، انهن ۾ نوجوان اديبن، استادن ۽ شاگردن کي سرگرم رکيو وڃي. اسانجو دوست ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هينئر وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ لئنگويجز جو ڊين مقرر ٿيو آهيو ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي مولوي عبدالحق ڪئمپس لياري ۾ آهي، انهيءَ سان گڏجي هنن سرگرمين کي وڌيڪ جاري رکيو وڃي تان ته اتي آباد قديم سنڌي وسندين ۽ ٻروچن جي اندر سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي آبياري ٿي سگھي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياست جا اصول ضرور هئڻ گهرجن

اسحاق سومرو گذريل هفتي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين آصف علي زرداريءَ اسلام آباد مان اچي لاهور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے