16 سومر , جولاءِ 2018

ٿيليز، دنيا جو پهريون فلسفي

وقار احمد راهمون

ٿيليز (624 کان 546ق م تائين) تاريخ ۾ شايد سڀ کان پهريون فلسفي ٿيليز هو. ٿيليز يونان جي شهر مائيلٽس ۾ ڄائو، جيڪو سندس جنم ڀومي سبب فلسفي جو پهريون دنياوي مرڪز طور مشهور ٿيو. ٿيليز علمن سان پيار ڪندڙ، هر وقت خيالن جي خمارن ۾ ويڙهيل رهندڙ  پنهنجي وقت جو عجيب ماڻهو هو. هن جي خيالن ۽ عملن مائيلٽس جي ماڻهن حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.

ٿيليز نه رڳو فلسفي جو بنياد رکندڙ پر سائنس جي به پيڙهه رکندڙ، جاميٽري جو باني، رياضي جو شوقين، هر شيءِ هڪ ئي شيءِ مان آهي جو نظريو ڏيندڙ، ماپ جي طريقي جو باني، سج گرهڻ بابت پهرين اڳڪٿي ڪندڙ، روح جو خيال پيش ڪندڙ ، ڏندڪٿائي ۽ مابعد الطبياتي ويچارن کي رد ڪندڙ ۽ پنهنجن عملن سان ڪيتريون ئي دريافتون ڪندڙ پهريون ڏاهو انسان هو، جنهن انسان جي سوچ تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڪيو.

ٿيليز  سوچي سوچي پهريون ئي اهڙو ڇرڪائيندڙ خيال پيش ڪيو، جو دقيانوسي ويچارن ۾ ورتل ماڻهن جا دماغ چڪرائجي ويا. هن جو خيال هو ته ”هر شيءِ خدا سان ڀريل آهي“، جنهن مان مراد هر شيءِ ۾ زندگي موجود آهي. شايد اهو تصور هن کي تڏهن آيو، جڏهن هن مٽيءَ تي نظر وڌي، مٽي جيڪا سڪل به هئي، آلي به هئي، چيڪي به هئي، پر ان مان هر شيءِ نڪري رهي هئي،  گاهه مٽي مان پئي نڪتو، ٻوٽا مٽي مان پئي نڪتا،  ننڍڙا جيوو ۽ جيت جڻيا مٽي مان پئي نڪتا، جنهن جو مطلب مٽي ۾ زندگي هئي. هن ڏٺو ته هر شيءِ مٽي مان نڪري رهي آهي ۽ مٽي ۾ ختم ٿي وڃي رهي آهي، تنهنڪري هن چيو ته هر شيءِ ۾ زندگي آهي.

اڄ جيڪڏهن اسان جديد سائنس جي تناظر ۾ ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي ته زندگي ته واقعي هر شيءِ ۾ موجود آهي. هر شيءِ ۾ زندگي ان طرح سان موجود آهي، جو هر شيءِ ۾ ائٽم، بئڪٽريا، وائرس يا جيو گهرڙا موجود آهن، جيڪي مسلسل چري پري رهيا آهن، يعني ڪا به شيءِ زندگي کانسواءِ ناهي، اهو اڄ جي سائنس ثابت ڪري ڇڏيو آهي.

ٿيليز هڪ قسم جو فطري فلسفي هو يعني هڪ قسم جو سائنسدان هو، بلڪه جيڪڏهن اسان سائنس جي تاريخ ڏسئون ته شايد ٿيليز کي اسان پهريون سائنسدان مڃون. هن پنهنجي زماني جي ماڻهن کي حيران پريشان ڪري ڇڏيو. سندس حرڪتن مائيلٽس جي ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. هن پهريون دفعو سج گرهڻ جي اڳڪٿي ڪئي ۽ واقعي جنهن تاريخ تي هن چيو سج اڳيان چنڊ اچي ويندو، ان تاريخ تي ايئن ئي ٿيو.

ٿيليز کي رياضي جو وڏو شوق هو. هن ڪيتريون ئي اهڙيون دريافتون ڪيون، جيڪي سچيون ثابت ٿيون. هن جاميٽري جي ٽڪنڊي واري تصور کي ايجاد ڪيو. رڪارڊ ڪيل تاريخ ۾ هن پهريون دفعو جڏهن هڪ دائري کي ٻن حصن ۾ ورهايو ته اها ڳالهه سمجهائي ته اها لڪير جيڪا دائري کي ورهائيندي وچان گذري ٿي، اها دائري جو ڊايا ميٽر آهي. وڌيڪ جڏهن هن ٽڪنڊو ڪڍيو جيڪو ان جي پاسن کي ڇهي رهيو هو، جنهن جو هڪ پاسو ان جو ڊايا ميٽر هو، هن سمجهايو ته چاهي توهان ان ٽڪنڊي کي جهڙي طرح ڪڍندا ان جو پاسو هميشه 90 ڊگري رهندو. انهن ٽڪنڊن کي کڻي هن اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن ٻه ٽڪنڊا آهن ۽ ٻئي ساڄي پاسي وارا ٽڪنڊا آهن ۽ انهن جو هڪ پاسو برابر آهي ته ان جو مطلب آهي ته انهن ٻنهي جو دائرو به برابر هوندو.

پوءِ ٿيليز اهو ٿيئرم پيش ڪيو، جيڪو اڄ به ٽرگنامينٽري جو بنياد آهي، جيڪو سندس ئي نالي سان مشهور آهي. اِهو اُهو آهي ته جيڪڏهن ٻه هڪ جيتريون لڪيرون ۽ انهن کي وري وڌيڪ ٻه لائينون ڪٽيندي وچان گذرن ته اهي پوائنٽ ٺهندا اي، بي، سي، ڊي ۽ ِاي ته پوءِ جيڪي فاصلا آهن يعني اي ڊي ونڊيان بي سي برابر اي اِي ونڊيان اي سي برابر ۽ اي ڊي ونڊيان اي بي ٿيندا.

ٿيليز جي ان ٿيئرم جي مدد سان ڪنهن به مينار جي اوچائي جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. ٿيليز  چيو ته هو  مصر جي احرامن جي ڊيگهه جو اندازو لڳائيندو. هن انتظار ڪيو.  پهرين ته هن پاڻ کي ماپيو. مثال طور هو 6 فوٽ هو، پوءِ ان وقت جو انتظار ڪيو، جڏهن سندس پاڇو 6 فوٽ ٿيو. ساڳي وقت هن احرام جي پاڇي کي ماپيو ۽ پوءِ هن کي خبر پئجي وئي ته جيڪا احرام جي پاڇي جي ڊيگهه جي ماپ آهي، اها ئي احرام جي ڊيگهه آهي.

هڪ انتهائي اهم سوال، جنهن تي هر فلسفي سوچي ٿو، اهو اهو آهي ته انسان سوچي ڪيئن ٿو؟، انسان چرپر ڪيئن ٿو ڪري؟ ۽ پنهنجا فيصلا ڪيئن ٿو ڪري؟.  ٿيليز جو اهو خيال هو ته هر اها شيءِ جيڪا پنهنجو فيصلو ڪري سگهي ٿي، اها صلاحيت رکي ٿي ته چري پري سگهي. ان شيءِ ۾ اصل ۾ هڪ روح موجود آهي، جيئن ته انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿو، ان ڪري انسان ۾ هڪ روح موجود آهي. هن موجب جانورن ۽ پکين سميت هر چر پر ڪندڙ شيءِ  ۾ به روح موجود آهي. نه رڳو ايترو پر جيئن ته چقمق پاڻهي چري پري ٿي انڪري چقمق ۾ به روح موجود آهي. يعني سموريون اهي شيون جيڪي پاڻهي چري پري سگهن ٿيون. انهن ۾ روح موجود آهي.

ٿيليز جو شايد سڀ کان اهم خيال، جنهن جو انسان جي سوچ تي سڀ کان گهڻو اثر ٿيو، اهو هو سمورو مادو جيڪو اسان کي نظر اچي ٿو، اهو هڪ ئي شيءِ مان ٺهيل آهي. هڪ ئي شيءِ مختلف شڪليون اختيار ڪيون آهن پر اها ڪهڙي بنيادي شيءِ آهي؟. ٿيليز موجب اهو پاڻي آهي. ٿيليز جي ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو صحيح آهي، ڇو ته انسان ۾ 70 سيڪڙو پاڻي آهي، پر ٿيليز رڳو انسان جي ڳالهه نه ڪئي پر هن جو خيال هو ته ڌرتي، جانور، وڻ، ڪڪر، زمين مطلب هر شيءِ جيڪا دنيا ۾ نظر اچي رهي آهي اها پاڻي مان ٺهيل آهي.

يونان جي ماڻهن کي زلزلي بابت ڏاڍي حيرت هوندي هئي ته اهو ڪيئن ٿو اچي ۽ ان کي ڪير ٿو آڻي؟.  هنن جو خيال هو ته جڏهن ديوتا ناراض ٿين ٿا ته زلزلو اچي ٿو. ٿيليز پهريون اهو شخص هو، جنهن چيو ته زلزلو ديوتائن جي ڪري نٿو اچي پر دنيا خود پاڻي جي ٺهيل آهي، اها پاڻي تي تري رهي آهي، جڏهن پاڻي لڏي ٿو ته ان ۾ لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽ انهن جي لوڏن سان زلزلو اچي ٿو.

شايد ٿيليز جو سڀ کان اهم تصور هو ته دنيا هڪ ئي مادي جي ٺهيل آهي، جنهن کي  فلسفي جي ٻولي ۾ مانزم يعني وحدانيت چيو ويندو آهي. ان خيال جي پوئلڳن کي مونسٽ چيو ويندو آهي. اڳتي فلسفي ۾ وحدانيت ۽ دوئي جي نظرين وچ ۾ بحث افلاطون کان اڄ تائين جاري آهي، تنهن ڪري ٿيليز جي موجدي سوچ جو انسان جي خيالن تي وڏو اثر آهي. حالانڪ ايستائين چئي سگهجي ٿو ته اڄ به جديد سائنس ۾ جيڪو سڀ کان وڏو موضوع زير بحث آهي، اهو وحدانيت جي حوالي سان ئي آهي. مثال طور البرٽ آئنسٽائن جو مادي ۽ اضافت بابت نظريو به هڪ مونسٽ ٿيوري آهي ته پوري ڪائنات جو سڄو مادو هڪ ئي شيءِ سان ٺهيل آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

صنعتي انقلاب تي وياج خور بينڪاري ۽ سرمائيداري معاشي بالادستي

پريم مٿراڻي آخري حصو: آمريڪي سرزمين تي يورپي قانونسازي وارو سياسي عمل ۽ سرمائيداري آمريڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے