16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو

ستار پيرزادو

شيخ اياز کي اسان کان وڇڙئي اڻويهه ورهيه ٿي ويا. ڇا اسان سنڌين شيخ اياز کي وساريو آهي. نه!نه!اهو شيخ اياز جنهن اسان جي ٻوليءَ جي جھولي پنهنجي انوکن خيالن ۽ چيدن لفظن سان ڀري چڏي هئي. ويهين ۽ ايڪويهين صدي شيخ اياز جون صديون آهن. هن ٻن صدين ۾ سنڌ جا ڪيترا ئي اڀار ۽ لاها ڏٺا ۽ انهن کي نه صرف پنهنجي چيدن لفظن سان تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو، پر هن جي لاءِ مون کي ائين ٿو ڀاسي ته ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي.28ڊسمبر1997ع ۾ هن هي جهان ڇڏي وڃي ازل جو آشيانو آباد ڪيو. کيس دل جو ڇهون دورو پيو هو،جنهن اسان کان پنهنجي دؤر جو محبوب شاعر کسي ورتو.موت تي ته ڪا ميار ڪانه آهي. جنهن لاءِ پاڻ ئي چيو هئائين؛

آمرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر ايئن نه مرنداسين ساٿي،

ڪا آڳ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

هو سنڌ جي هر سنڌي نوجوان جي اندر ۾ ڪئي جوالا مکي جاڳائي ضرور ويو آهي.چوندا آهن جيڪا شيءِ جتان جي هئي اوڏانهن موٽي وئي.ڊاڪٽر حق جيڪو سندس دل جي دردن جو معالج هو،تنهنجو چوڻ هو ته سندس دل پنجون دورو پوڻ ڪري صرف پنجويهه سيڪڙو ڪم ڪري رهي هئي. جنهن جي کيس پروڙ هئي تنهن ڪري کيس ڏاڍي تڪڙ هوندي هئي ته مون وٽ جو ڪجھه آهي،سنڌي قوم جي امانت آهي،اها باسلامت کين موٽائي سگھان.جنهن لاءِ هو ڌڙا ڌڙ پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني يا قلم مان ڪڍي سنڌي قوم کي ڏيندو رهيو جنهن جا هن پنج جلد لکي،ان ۾ ڪيترن سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا.

ان پنجون ڀيرو دورو پوڻ ۽ ڊاڪٽر حق جي ان اعلان ڪرڻ جي ته،”هاڻ سندس پساهه پورا ٿي ويا.“ جنهن تي سندس تيماردارن جو روڄ راڙو مچي ويو هو.ڄڻ ته هيءَ صورتحال بڻجي وئي هئي ته:

اڪ طرف منهه ڦير ڪر روني لگي تيماردار،

اڪ طرف بيمارِ غم ڪڇ ڪهه ڪي رخصت هو گئي.

پر اوچتو سڀني تيماردارن جي حيرت جي حد کان به ڳالهه چڙهي وئي جو بيمار يعني شيخ اياز کان هڪ دانهن نڪري وئي.انهيءَ هڪڙي دانهن تي تيماردارن جي آس اميد جا ڏيئا ٻري پيا،اونداهو ڪمررو جر جر جرڪي پيو ۽ هڪدم ڊاڪٽر حق کي گھرايو ويو ۽ هو به بيمار ۾ زندگيءَ جا نمايان آثار ڏسي،جلدائيءَ سان هن  جي علاج سان واهر ڪئي ۽ ائين شيخ اياز موت جي چنبي مان تيماردارن جي روڄ راڙي تي ڪيئن پاڻ پتوڙي جان ڇڏائي واپس وري آيو. شايد هن خاڪي دنيا ۾ سندس اڃان ڪو داڻو پاڻي رهيل هو،يا وري يا هڪ اهڙي قدرتي ڪرشمي جي سلڻ لاءِ کيس موٽائي موڪليو ويو هو.اهو قدرت جوڪرشمو جيڪو گھڻو پوءِ شيخ اياز نه صرف مون سان سليو هو پر نه ڄاڻ ڪنهن ڪنهن سان سليو ۽ ڪن کي حيران ڪيو ۽ ڪن سندس دماغ جو خلل ڄاڻي لنوائي ڇڏيو هو، پر هن ان جي تصديق پنهنجي آتم  ڪٿا ۾ به ڪري ڇڏي.ان قدرتي ڪرشمي جو ذڪر هتي دوستن جي دلچسپيءَ خاطر ڪري رهيو آهيان.

اهو قدرتي ڪرشمو شيخ اياز جي زباني هن ريت هو ته:”ان وقت مون ڏٺو ٿي ته هڪڙو وڏو ٽنيل آهي، جنهن ۾ ڪافي اونداهي آهي ۽ مان ان ۾ اندر ۽ اندر هلندو ٿو وڃان.اوچتو هڪ اهڙي جاءِ آئي جتان مون بلٽ جيان واپس موٽ کاڌي ته ان منظّر کي ڏسي مون کان دانهن نڪري وئي.“

ان دانهن سندس حياتي ورائي  ورتي ۽ هو نه صرف صحت ياب ٿيو ۽ اسپتال مان گھر آيو،پر هن پوءِ پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي.جنهن لاءِ سندس چواڻي ته،”شايد قدرت کي مون کان ڪو ڪم وٺڻو هو يا ڪجھه لکرائڻو هو ته منهنجي اندر ۽ ذهن ۾ جو ڪجھه آهي، اهو سنڌي قوم جي امانت آهي جا کين مان تير پتير موٽائي ڏيان.“پوءِ هن پنهنجا رهيل ڪتاب تيزيءَ سان تيار ڪرائي ڇپرايا ۽ پاڻ ٻين ڪمن کي پاسيرو رکي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪري ڏنائين. جنهنجو پهريون ڀاڱو،’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘لکي قوم جي امانت باسلامت قوم کي آڇي، جا سنڌي قوم آمنا صدقنا ڪندي قبولي ورتي  جيڪا پنجن جلدن ۾ ڇپجي پنهنجي مقبوليت ماڻي چڪي.ِ

ان کان پوءِ هو پنهنجي دل جي ڇهين گوهي هڻڻ ڪري 28 ڊسمبر 1997 تي علي الفجر سان ئي ،سنڌي اديبن، شاعرن،قومي ڪارڪنن ۽ ڪيترن ادب دوستن کان بنا موڪلائڻ جي هي جهان ئي ڇڏي ويو.

ڊسمبر 1997ع ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ تائين به پنهنجي آتم ڪٿا جو پنجو جلد لکڻ ۾ مشغول هو ۽ پنهنجي قوم جي اها امانت پنهنجي هٿن سان قلم وسيلي، ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ جا چار جلد ڇپرائي چڪو هو ۽ آتم ڪٿا جو پنجو جلد جيڪو سندس معاشقن تي ٻڌل هو، اهو اڻ پورو ئي رهجي ويو جو اڃان پورو پني تي اڪيرجي نه سگھيو هوس، جو کيس انتهائي علالت جي ڪري اسپتال داخل ٿيڻو پئجي ويو هو.جتان هو آخر ۾ ازل جو سڏ اونائي اوڏانهن جي واٽ وٺي راهي ٿي ويو هو.

شيخ اياز کي اسان کان وڇڙئي پورا ڏهه ورهيه گذري چڪا هئا جو سندس سڀئي شاعراڻا ۽ نثري ڪتاب جن ۾ شاعريءَ جا پنجيتاليهه  ڪتاب جن کي ڏهن جلدن ۾ ۽ نثر جي ڪتابن کي چئن جلدن ۾، سندس شاعري ۽ نثر جي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ٿيل ترجمن جا ڪجھه جلد به سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران 2008ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.پر انهن جي ان بهتر ڪم جي باوجود مون کي هڪڙو افسوس ان ڳالهه جو آهي ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۽  نثر جا جيڪي ڪتاب ان اسڪيم 2007ع ’شيخ اياز جي تربت جي اڏاوت ۽ ڪتابن جي ٻيهر ڇپائي‘مان جيڪي ڪتاب ڇجڻ کان رهجي ويا، انهن ڏانهن سندس لواحقين، سڀني ڇپائيءَ جو ڪم ڪندڙ ادارن ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي موجوده دؤر جي سيڪريٽري ۽ وزير صاحب ( جيڪي منهنجي ڄاڻ مطابق ٻئي ادب دوست آهن) کي اها ڄاڻ ڏيڻ جو ست ٿو ساريان ته ڪوشش ڪري اهي ڪتاب،شيخ اياز جي پونئيرن کان حاصل ڪري ڇپائي سنڌي عوام جي امانت باسلامت عوام کي آڇين ته سندن وڏا وڙ سمجھيا ويندا.انهن ڪتابن جا عنوان هيٺين ريت آهن: ڪاريون ڏاريون رات جون،اولڙا،اکين ننڊ نه اڄهي،ڇانوَ ڪڪر،ڪارو ڪارونڀار،موکيءَ مٽ اپٽيا،نوان آزاد نظم. هنن ڪتابن جو ّذڪر شيخ اياز پنهنجي ڪتاب’سانجھي سمنڊ سپون‘۽ ٻيو ڪتاب جيڪو مڪتبئه دانيال،ڪراچيءَ وارن ڇپيو هو ان ۾ انهن  رهيل ڪتابن جو ذڪر ٿيل آهي. انهن تيار ٿيل ڪتابن مان سواءِ سندس نثري شاعريءَ جا ڏهه ڪتاب ٿيندا، جيڪي سندس ڊائرين تان اتارڻا آهن ۽ عنوان ڏئي ڇپرائڻا آهن، تنهن کان سواءِ کيس متاثر ڪندڙ ڪجھه شاعرن ۽ اديبن تي سندس نوٽس لکيل آهن انهن کي پڻ سنواري اتاري يا فوٽو ڪاپي ڪري پريس ۾ ڏيڻ جي قابل بڻايو وِڃي.انهن ڪتابن جي حاصلات لاءِ مٿين ڄاڻايل اسڪيم ۾ اهي ڪتاب شيخ اياز جي ڌيئڙيءَ کان حاصل ڪرڻ لاءِ محترم تاج جويي ۽ قاضي منظر حيات کي ذميراري ڏني وئي هئي  پر نه ڄاڻ ڪهڙن سببن جي ڪري اهي کانئن حاصل ڪري نه سگھيا. مان پاڻ به ٻه ڀيرا سيڙجي شيخ اياز جي نياڻيءَ جي گھر حيدرآبد ويو هوس پر اها ٻئي ڀيرا گهر ۾ هجڻ جي باوجود مون سان نه ملي هئي. پر هاڻ جيڪڏهن حڪومت سنڌ جو سيڪريٽري ۽ وزير صاحب ڪوشش ڪن ته ممڪن آهي ته هو ڪامياب ٿي وڃن ۽ اهي شيخ اياز جا رهجي ويل ڪتاب منظر عام تي اچي سگھن ٿا.

شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعراڻي ادب جو برجستو شهسوار هو. جنهن نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد شاعراڻيون صنفون سندس دؤر جي رواج پٽاندر لکيون پر هن ڪلاسيڪل هندي توڙي سنڌي شاعراڻيون صنفون جهڙو ڪه: دوهو،سورٺو،بيت،وائي۽ گيت کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ نوان خيال بخشي اجاگر ڪري ڏيکاريا ۽ پنهنجي دؤر ۾ ڪافي مڃتا ماڻي، اهي صنفون وقت جي فارسي زده دز لٽي ڇڏيون هيون جن کي شيخ اياز ڇنڊي ڦوڪي،نون خيالن ۽  موضوعن سان سنواري سينگاري پنهنجي نوجوان نسل کي پيش ڪيون، ۽ اڄ جو نوجوان شاعر انهيءَ راهه تي هلندي اهي صنفون وري لکڻ لڳو آهي. شيخ اياز کي نه صرف سنڌي پر فارسي،انگريزي،اردو ۽ هنديءَ کان سواءِ يورپ ۽ ايشيا کنڊ ۽ دنيا ڀر جي بهترين ادب جي جوڳي ڄاڻ هئي.انهيءَ دنيا جي ادب پڙهڻ ۽ پرجھڻ کان پوءِ شيخ ايازپنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ کي ّيا ادبي صنفن کي مالا مال بڻائڻ لاءِ، ان دؤر جي فارسي تشبيهن ۽ استعارن، تلمين، گلن ڦلن،ساغر ۽ مينا جي ذڪر کي خير باد چئي هيئن لکيو ته:

پرينءَ جي پکي ۾ وڃي ٿو اياز،

ٽڙي آهي ٽانگر ٻه ٽي ڦول کڻ.

سندس پرين به پکي واسي آهي، سندس ڏيهه جي اڪثريت جي گھرن جي حالت اها’جھوپڙي‘،’پکن‘،’چؤنرن‘۽ ’ڪنڌين ڪانن،‘’لوڙهن لڪڙين‘جون جوپڙيون ئي ته آهن نه محل ۽ نه ماڙيون. جيڪي عمر سومري جهڙي بادشاهه جون مارئيءَ جهڙي کٿيرڻ به ٿوڪاري ڇڏيون هيون.سنڌ جو هاري ناري، مزدور مڙو ته اهڙن ئي ڪکاون پکن ۾ اجھاپيل آهي.

شيخ اياز جا ان دؤر جا لکيل ڪتاب، شاعري ۽ نثر سميت پنجهٺ کان به وڌيڪ آهن. جن ۾ سندس پهريان شاعراڻا ۽ نثري ڪتاب جن کي ملڪ دشمن ڄاڻائي انهن تي بندش وڌي وئي، جن ۾ هن جاگيردار ۽ سرمائيدار نظام خلاف لکيو هو. اهي ڪتاب هئا،’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘سندس نثر، جنهن ۾ ان وقت هن جيڪي خط مختلف وقتن تي ٽه-ماهي مهراڻ، حيدرآباد ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا ۽ سنڌي عوام ۾ بيحد مقبوليت ماڻي چڪا هئا. ٻيو ڪتاب شاعريءَ جو ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ هو جيڪو ان وقت جي پاڪستان رائيٽرس گلڊ، سکر پاران ڇپرايل ۽ ان ئي گلڊ پاران ان سال جي بهترين سنڌي شاعراڻي ڪتاب طور حاصل پڻ  ڪري چڪو هو.ان ۾ به حڪومتي ڪجھه ايجنسين جي ڪارندن کي ملڪ ۽ اسلام دشمن مواد ميلي ويو هو ۽ ان تي به بندش وجھرائي وئي هئي. ٽيون سندس ڪهاڻين جو ڪتاب،’سفيد وحشي‘هو جنهن ۾ جيتوڻيڪ انگريز بهادر جي سنڌي عوام  جيڪا مزاحمت ڪئي، ان کي به پاڪستاني حڪومت ۽ اسلامي نظام جي برخلاف ڄاڻائي، بندش جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو نه صرف ايترو پر 1965ع واري جنگ دوران سنڌي شاعر نارائڻ شيام بابت هڪ نظم کي بنياد بڻائي کيس جيل جي سيخن پويان واڙيو ويو.ان دوران سندس اردو شاعريءَ جو هڪ ڪتاب جيڪو سکر جي اردو اديب آفاق صديقيءَ جي ترتيب ۾ سکر جي ڪنهن  پريس ۾ زير طبع هو، ان جو به مسودو کڻي گم ڪرائي ڇڏيو ويو.

شيخ اياز ئي واحد سنڌي شاعر ۽ اديب هو جيڪو سندس لکڻين ۽ سياسي سوشلسٽ خيالات جي ڪري چار ڀيرا جيل ياترا ڪئي. پهريون پيرو 1965ع ۾ ٽي مهينا، ٻيو ڀيرو 1968ع ۾، ۽ ايوب خان جي  جي اقتدار ۽ ون يونٽ جي خلاف سوچ ۽ شاعريءَ رستي سنڌي نوجوان نسل کي ڄاڻ ڏيڻ جي سلسلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ ساهيوال جيل۾، ۽ چوٿون ڀيرو مجيب رحمٰن جي عوامي ليگ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميمبر هئڻ جي وڏي گناهه ڪري، ۽ بنگال جي ڊاؤن فال ۽ 1971ع ۾ پاڪستان جا ٻه حصا ڪرڻ ۽ بنگال جي دنيا جي گولي تي ’بنگلا ديش‘ ٿي اڀرڻ ۽ مجيب الرحمٰن جي آزاديءَ کان پوءِ آزاد ٿيو.ساهيوال جيل ۾ هو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ساڳي بيريڪ جي ڌار ڌار کولين جن جي وچ م صرف ديوار هوندي هئي، اتي واڙيل هو ته ذوالفقار علي ڀٽو هن ڏانهن ڪجھه ميوو ۽ دٻن ۾ بند کاڌو موڪليندو هو. پر جڏهن شيخ اياز هڪڙو ڪتاب ڀٽي صاحب ڏانهن موڪلڻ چاهيو ته سپاهي اهو چئي نه کڻي ويو ته ڪتابن جي ڏي وٺ تي جيل ۾ بندش آهي.جنهن لاءِ شيخ اياز لکي ٿو ته،” جيڪڏهن اهو ڪتاب ڀٽو صاحب پڙهي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته هو جيل ۾ ڇو آهي؟“

هونءَ ته شيخ اياز پنهنجي حياتيءَ ۾ نظم ۽ نثر جا ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، سندس سڀ ڪتاب ڇپيا،وڪرو ٿيا،سنڌي عوام پڙهيا، ۽ نوجوان نسل انهن مان خوب اتساهه حاصل ڪيو، جنهن جو اثر اڄ تائين نوجوان سنڌي شاگرد تي نمايان نظر اچي ٿو.سندس ڪجھه شعر ۽ نثر پارا ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي ڇپيا ۽ مقبوليت ماڻيائون، اوترا ڪتاب به سندس دؤر کان اڄ تائين ٻئي ڪنهن به سنڌي اديب يا شاعر جا نه ٿا ملن، ۽ نه ئي ڇپيا آهن.جيڪڏهن قدرت کيس حياتيءَ ۾ ڪجھه واڌارو ڏئي ها ته اها ڳالهه پڪ سان چئي ٿي سگهجي ته هو موجودهه دؤر ۾ ۽ ايندڙ ڪجھه دؤرن تائين سنڌي شاعراڻي ادب کي هڪ اهڙي لوهائين ڀت اڏي ڇڏي ها جو ان کي ڪو به ڌاريو يلغاري لتاڙي نه سگھي ها.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان ناٽ آئوٽ ۽ جهانگير ترين ڪلين بولڊ

غلام مصطفيٰ جمالي سپريم ڪورٽ پاڪستان جي تاريخ جو اهم فيصلو ٻڌائيندي عمران خان تي داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے