15 جمعو , ڊسمبر 2017

اسلام آباد وارو ڌرڻو ۽ ان جو امڪاني ڊراپ سين

 زرار  پيرزادو

  • اسلام آباد ۾ ”تحريڪ لبيڪ“ طرفان ڏنل ڌرڻي کي جيتوڻيڪ هاڻي سي پيڪ جي ڪجهه ڏينهن اندر اهم اجلاس کان اڳ هر قيمت تي ختم ڪرڻ لاءِ راولپنڊي هاءِ ڪورٽ ۽ حڪومت چرپر ۾ اچي وئي آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته ان جو ”ڊراپ سين“ ڪيئن ٿو ٿئي.
  • مذهبي انتهاپسندي جو ٽوڙ ته اصولي طور تي سيڪيولر رياست ۾ هوندو آهي، يعني رياست ۽ مذهب الڳ الڳ هجن، مذهب رياستي نه فردن جو انفرادي معاملو هجي، مذهبي رياست هوندي ته اهڙا مسئلا به ٿيندا رهندا.
  • تحريڪ لبيڪ اصل ۾ مذهبي جماعتن جي ڏيڍ يا ٻه هزار جي لڳ ڀڳ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ڌرڻو آهي جيڪو حڪومت خلاف ختم نبوت صه بابت آئيني شقن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي خلاف ڏنل آهي.
  • جيتوڻيڪ حڪومت مذهبي جماعتن جي سخت رد عمل کي ڏسندي ترت ئي ان قانون ۾ ترميم جو اعلان ڪيو هو پر ڌرڻي ڏيندڙن جو مطالبو آهي ته جن ختم نبوت صه واري شق سان هٿ چراند ڪئي آهي تن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ خاص طور تي قانون واري وزير زاهد حامد کان استعيفيٰ ڏياري وڃي.
  • هي ڌرڻو ڏيندڙن حڪومت کان اهو چئي اجازت ورتي ته هو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ اهو احتجاج ڪرڻ کان پوءِ هو هليا ويندا پر پوءِ ايئن نه ٿيو ۽ اهي اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ڳنڍيندڙ فيض آباد انٽر چينج رستي تي ويهي رهيا ته جيستائين مطالبا حل نه ڪبا تيستائين نه اٿبو.
  • ان ڌرڻي کي اڄ پندرهون ڏينهن آهي ۽ گذريل چوڏهن ڏينهن کان خلق کي ان ڌرڻي سان جيڪا تڪليف ۽ اذيت رسي آهي تنهن جو ڪنهن کي به احساس ناهي. نه حڪومت کي نه ئي مذهبي جماعتن کي.
  • جڏهن ته ختم نبوت صه وارو قانون اصل شڪل ۾ بحال به ٿي چڪو آهي پر هاڻي بظاهر اهو معاملو هٺ ڌرمي ۽ ضد تي اچي بيٺو آهي، نه مذهبي جماعتون پنهنجي مطالبي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي حڪومت عوام جي تڪليف کي ڏسندي وزير زاهد حامد کان استعيفيٰ وٺڻ  لاءِ تيار آهي.
  • هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان ڌرڻي ۽ ان جي پس منظر وارين حالتن جو ذميوار ڪير آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ حڪومت معذورن جو به احتجاج برداشت نه ٿي ڪري سگهي ۽ انهن تي لٺ بازي ڪري ٿي ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي جهڙن هاءِ الرٽ سرڪاري شهرن ۾ ڪيئن ٿا سياسي ۽ مذهبي ماڻهو ائين ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا ڌرڻا ٿا ڏئي وجهن.
  • ڇا حڪومت اهو نه پئي ڪري سگهي ته جڏهن ان ختم نبوت صه جي شق کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته پوءِ انهن مذهبي جماعتن کي ڌرڻو ڏيڻ ئي نه ڏين ها ۽ تڏهن ئي سختي ڪن ها.
  • پر شايد اها ڳالهه يا اها ڪارروائي ڪرڻ حڪومت جي ”وس“ کان مٿانهين هئي، ڌرڻو ڏيندڙن کي ڪا وڏي ”ٽيڪ“ ۽ ”پٺڀرائي“ هئي ۽ آهي. اهڙا ڊراما رچائي اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ هڪڙا پنهنجا سياسي، اقتداري ۽ سامراجي مفاد ماڻڻ لاءِ رچائيندي آهي ۽ وقت جي حڪومت مٿان دٻاءُ وجهي ان کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
  • هاڻي جڏهن اسلام آباد ۾ 21 ۽ 22 نومبر تي سي پيڪ متعلق اهم اجلاس ٿي رهيو آهي ته تڏهن راولپنڊي هاءِ ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس وٺندي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ وڌو آهي.
  • هاڻي ڌرڻي جي خاتمي جو ڊراپ سين ئي ٻڌائيندو ته ان ڊرامي رچائڻ جو ڪنهن کي فائدو ۽ ڪنهن کي نقصان رسيو، يعني اسٽيبلشمينٽ ان مان ڪهرو مقصد حاصل ڪيو تنهن جي خبر پئجي ويندي.
  • حڪومت مذهبي جماعتن سان ڳالهيون ڪري سندن ڌرڻو ختم ڪري ٿي يا سندن مطالبو مڃي انهن جي آڏو گوڏا کوڙ ٿي، يا سندن مٿان جنرل مشرف وانگر لال مسجد وانگر آپريشن ڪرائي پنهنجي حڪومت جي خاتمي جي ڪا چارج شيٽ تيار ڪري ٿي؟.
  • ان ڌرڻي کي 2018 جي چونڊن جي روشني ۾ مذهبي جذبا يا عنصر وڌائي ايم ايم اي يعني مذهبي اتحاد کي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش به چئي سگهجي ٿي.
  • ۽ نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جي مذهبي اڳواڻ سميع الحق سان ٿيل ملاقات کي به ان نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياست جا اصول ضرور هئڻ گهرجن

اسحاق سومرو گذريل هفتي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين آصف علي زرداريءَ اسلام آباد مان اچي لاهور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے