19 خميس , جولاءِ 2018

ملڪ جي بهتريءَ لاءِ جلد چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون: عمران خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن قرض وٺي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، ناڻي وارو وزير ٻاهر ويٺو آهي، اسيمبلي ۾ ن ليگ جو ڪورم به پورو ناهي هوندو، ملڪ جي بهتريءَ لاءِ جلد چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مان سڄي مني ٽريل جمع ڪرائي آهي، هڪ مني ٽريل به ڪوڙي ثابت ٿي ته سياست ڇڏي ڏيندس. نااهل ٿيس ته شَق 203 تحت پارٽي جي صدارت نه ڪندس، جهانگير ترين يا ڪو به نااهل ثابت ٿيو ته پارٽي ۾ نه رهندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف پارٽي کي ڪرپشن بچائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، کيس ملڪ، فوج ۽ عدليا جي بدنامي جي ڪا به پرواهه ناهي، ن ليگ جا ڪيترائي ميمبر اسان سان رابطي ۾ آهن. عمران خان چيو ته آصف زرداري جي هوندي پ پ سان اتحاد نٿو ٿي سگهي، ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي قيادت کي خطرو آهي: نيڪٽا سربراهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيڪٽا جي سربراهه ڊاڪٽر سليمان انڪشاف ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے