17 اڱارو , جولاءِ 2018

ڊي آءِ خان واقعي تي ڪجهه ماڻهو حقيقتون مِٽائي رهيا آهن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڊي آءِ خان ۾ ڇوڪريءَ سان پيش آيل واقعو مذمت جوڳو آهي، ميڊيا جا ڪجهه حصا ۽ سياستدان حقيقتن کي ڊاهي رهيا آهن. ڊيرا اسماعيل خان م 16 ورهين جي ڇوڪري کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڳوٺ ۾ گهمائڻ واري افسوس ناڪ واقعي تي ردعمل ڏيندي عمران خان چيو ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ حقيقن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، ميڊيا جي ڪجهه حصي ۽ سياستدانن جو اهو قدم لڄائيندڙ آهي. تحريڪ انصاف سربراهه ٽوئيٽر تي وڌيڪ چيو ته حقيقون ڊاهي واقعي کي اينگهايو پيو وڃي، جيتوڻيڪ آءِ جي خيبر پختونخواهه واقعي جي حقيقن بابت بيان جاري ڪري چڪو آهي ۽ واقعي واري ڏينهن ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته متاثر خاندان طرفان نامزد ڪيل 9 مان 7 جوابدار گرفتار پڻ ٿيا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Firing on the vehicle of Shaikh Aftab's leader, he was miraculously saved

ن ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب جي گاڏي تي فائرنگ ، معجزاڻي طور بچي ويو

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے