16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ڪپتان سياست جي الف ب کان به واقف ناهي، هر ڪنهن کي گار ڏيندو آهي: اسفند يار ولي

چارسدا (ويب ڊيسڪ) اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته اڄڪلهه حالتون سٺيون ناهن، پنهنجي ڀرپاسي ۾ ئي ڏسي ڇڏيو، باچا خان جون ماضي ۾ ڪيل ڳالهيون درست ثابت ٿيون، هن دنيا کي عدم تشدد جو فلسفو ڏنو هو، سڀني مسئلن جو حل رڳو باچا خان جي فلسفي ۾ آهي. ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته اڄڪلهه اهي سياست ڪري رهيا آهن، جن کي سياست جي خبر ئي ناهي، ڪپتان سياست جي الف به کان به واقف ناهي، هو هر ڪنهن کي گار ڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته فاٽا وارن کي احساس ڏيارڻو آهي ته اهي اسان جا ڀائر آهن، کين خاطري ٿو ڪرايان ته اي اين پي انهن کان ٻه وکون اڳتي هوندي، فاٽا کانپوءِ ڏکڻ ۽ اتر پختونخواهه جو وارو آهي، سڀني کي وحدت ۾ آڻڻو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے