17 اڱارو , جولاءِ 2018

پنجاب حڪومت جي 56 ڪمپنين ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين پنجاب حڪومت جي 56 ڪمپنين ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال پنجاب حڪومت جي 56 پبلڪ لميٽيڊ ڪمپنين ۾ بدعنواني ۽ من پسند ڀرتين بابت شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. نيب چيئرمين موجب پبلڪ لميٽيڊ ڪمپنين ۾ بدعنواني، وسيلن جي اجائي استعمال ۽ پراڪيورمينٽ سامان جي خريداري ۾ بيقاعدگين سميت ٻين شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. نيب چيئرمين شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڊي جي نيب لاهور کي لاڳاپيل 56 پبلڪ لميٽيڊ ڪمپنين جي معاملي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين جاويد اقبال هدايت ڪئي ته نيب جي انڪوائري سبب ڪنهن به ڪمپني کان ڪم کان نه روڪيو وڃي ۽ تنهن وقت تائين ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي جيستائين سندن خلاف شاهديون نه گڏ ڪيون وڃن، ان سلسلي ۾ سمورين قانوني گهرجن کي نظر ۾ رکيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے