24 منگل , اپریل 2018

اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙن خلاف آپريشن 24 ڪلاڪن لاءِ ملتوي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال انتظاميه کي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن 24 ڪلاڪن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي،  جڏهن ته اڄ شام تحريڪ لبيڪ ۽ راجا ظفر الحق جي قيادت ۾ حڪومتي وفد ۾ ڳالهيون ٿينديون.  وفاقي گهرو وزير احسن اقبال موجب مظاهرين سان ڳالهين ذريعي ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي آخري ڪوشش ڪئي پئي وڃي.  احسن اقبال انتظاميه کي آپريشن 24 ڪلاڪن اندر ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته مذهبي اڳواڻن ۽ مشائخ ڪرام کي به ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. احسن اقبال جو چوڻ آهي ته نبي ڪريم صلعم جي نالي تي عوام کي تڪليف ۽ خونريزي کان بچائڻ چاهين ٿا، تحفظ ختم نبوت قانون پاس ٿيڻ پارليامينٽ جو تاريخي ڪارنامو آهي، قيامت تائين ڪير به اهو تبديل نه ڪري سگهندو، هاڻي ڌرڻي جو ڪو به جواز ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے