26 اربع , سيپٽمبر 2018

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار  کي سندس عهدي تان هٽائڻ جو امڪان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي سندس عهدي تان هٽائڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب اسحاق ڊار پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پنهنجي استعيفيٰ موڪلي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ اسحاق ڊار جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪندو. ذريعن موجب اسحاق ڊار جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ کانپوءِ ناڻي واري وزارت جا معاملا ماهرن جي ٽيم هلائيندي جيڪا مفتاح اسماعيل ۽ ڊاڪٽر عشرت حسين تي ٻڌل هوندي. ناڻي واري وزير نيب طرفان سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش کانپوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار جي بيماري سبب قلمدان وزيراعظم وٽ آهي. هن چيو ته اسحاق ڊار جي بيماري سبب رولز تحت ناڻي وزارت جو قلمدان اڳ ئي وزيراعظم جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو آهي، وزيراعظم ناڻي واري وزارت جا معاملا سهڻي نموني هلائي رهيو آهي. مصدق ملڪ چيو ته عدالتي حڪمن جي روشنيءَ ۾ اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے