18 جمعرات , جنوری 2018

خان صاحب مون کي نٿو ڪڍي سگهي، پارٽي ڊسيپلين جي ڪا ڀڃڪڙي ناهي ڪئي: داور ڪنڊي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ اڳواڻ داور خان ڪنڊي چيو آهي ته عمران خان جي وڊيو ڏسي افسوس ٿيو، مون ڪنهن تي الزام ناهي لڳايو، حقيقت ٻڌائي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي داور ڪنڊي چيو ته اڪرم گنڊاپور ۽ انعام گنڊا پور علي امين خلاف شڪايتون ڪيون، مان هڪ مظلوم ڇوڪري سان گڏ بيٺس، جنهن سان بي حرمتي ٿي آهي، ڪوئي ان واقعي جي ٿيڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهي، عمران خان کي بروقت خط لکي سموري صورتحال ٻڌائي پئي هئي، عمران خان چيو ته مان تنهنجي ڳالهين جي حوالي سان بيوس آهيان، عمران خان مون کي پارٽي مان ڪڍي سگهي ٿو، عمران خان مون سان ملاقات کان پاسو ڪندو آهي، عمران خان مون کي چيو ته مان تنهنجي مدد نٿو ڪري سگهان، داور ڪندي چيو ته منهنجون درجنين درخواستون پارٽي ڪميٽي وٽ مجود آهن، انهن تي ڪجهه نه ٿيو، متاثر ڇوڪري جي چاچي جو چوڻ آهي ته علي امين جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان اسان کي تربيت ڏيندو هيو ته جيڪڏهن مان به غلط ڪريان ته ڳلي کان جهليو، خان صاحب مون کي نٿو ڪڍي سگهي، پارٽي ڊسيپلين جي ڪا ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ڊي آءِ جي ۽ ڊي پي او چالان مڪمل ڪري ورتو آهي، 8 جوابدار گرفتار آهن، واقعي جي پهرين ڏينهن متاثر خاندان تي ئي ايف آءِ آر ڪٽي وئي، ڇوڪري چيو ته ايس ايڇ او گاريون ڏنيون، عمران خان ان واقعي کان نٿو انڪار ڪري سگهي، مان تحريڪ انصاف جو آواز آهيان، متاثر ٻارڙي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ مان ان خاندان سان گڏ بيٺو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے