26 جمعرات , اپریل 2018

ٽيسلا ڪمپني پهريون اليڪٽرانڪ ٽرڪ متعارف ڪرائي ڇڏيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): مشهور آمريڪي آٽوموبائلز، آٽوميڪر ۽ انرجي ڪمپني ٽيسلا پيٽروليم شين کانسواءِ هلندڙ پنهنجو پهريون سيمي اليڪٽرانڪ ٽرڪ متعارف ڪرائي ڇڏيو، خيال رهي ته ٽيسلا ڪافي عرصي کان اليڪٽرانڪ ٽرڪ جي تياري ۾ مصروف هئي، آمريڪي ڪمپني نه رڳو ٽرڪ پر بس ۽ ڪارن سميت جديد ترين اليڪٽرانڪ جهاز به متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي، ٽيسلا ئي پنهنجي شريڪ ڪمپني اسپيس ايڪس سان گڏ 2024 تائين انسانن کي دنيا کان مريخ وٺي وڃڻ جي منصوبي جو اعلان به ڪري رکيو آهي، ڪمپني جي سربراهه ايلون ماسڪ هلندڙ سال جون ۾ مريخ تي ايندڙ 50 سالن دوران 10 لک ماڻهن تي ٻڌل شهر وسائڻ جو به اعلان ڪري رکيو اهي، ۽ ان ئي منصوبي تحت 2024 تائين انسانن کي مريخ وٺي وڃبو، هاڻي ان ڪمپني ئي پنهنجو پهريون اليڪٽرانڪ سيمي ٽرڪ متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن جو وڪرو 2 سالن بعد شروع ڪئي ويندي، جديد ٽيڪنالاجي سان ليس اها سيمي ٽرڪ رڳو 30 کان 40 منٽن جي چارجنگ بعد 500 ڪلوميٽر تائين هلڻ جي اهليت رکي ٿي، خيال رهي ته اليڪٽرانڪ گاڏين جي چارجنگ لاءِ الڳ پيٽروليم اسٽيشن وانگر اليڪٽرانڪ چارجنگ اسٽيشن بڻايا ويندا آهن، هي ٽرڪ رڳو 5 سيڪنڊ ۾ زيرو کان 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار پڪڙيندو آهي، جڏهن ته 8 هزار پائونڊ وزن سان اها ٽرڪ اها ئي رفتار 20 سيڪنڊن ۾ پڪڙيندي، ڪمپني جي دعويٰ آهي ته بجلي تي هلندڙ اها ٽرڪ ڊيزل سان هلندڙ ٽرڪ کان خرچن ۾ به سستي، معيار ۽ رفتار ۾ به بهتر آهي، ان ٽرڪ کي هلائڻ لاءِ 4 اعليٰ ڪوالٽي جا موٽر لڳايا ويا آهن، جيڪي انجڻ جو ڪم سرانجام ڏين ٿا، ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته سيمي اليڪٽرانڪ ٽرڪ جو بريڪ 10 لک ڪلوميٽر هلڻ تائين فيل نه ٿيندو، سيمي ٽرڪ ۾ ڊرائيور جي ڪيبن کي جديد بڻائيندي ان کي نهايت ئي آسامان ۽ ڪشادو بڻايو ويو آهي، ڊرائيور چاهي ته اٿي بيهي گاڏي هلائي، ڇاهي ته کاٻي ۽ ساڄي طرف بيهي گاڏي کي ڪنٽرول ڪري، ڊرائيور ڪيبن ۾ 2 جديد ترين ايل سي ڊي به لڳايا ويا آهن، جيڪي ڊرائيور لاءِ شيشن جو ڪم سرانجام ڏينديون، ان سيمي ٽرڪ جو باقاعده وڪرو 2019 ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ خريدار کي پهرين بڪنگ ڪرائڻي پوندي، جنهن لاءِ 5 هزار آمريڪي ڊالر ايڊوانس ادا ڪرڻا پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اوپو جي نئين فليگ فون شپ پاڪستان ۾ متعارف

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپني اوپو پنهنجي نئين فليگ شپ فون ايف 7 پاڪستان ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے