21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

احسن اقبال ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته راولپنڊي جو عوام ڌرڻي سبب سخت ڏکيائين جو شڪار آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته ڌرڻي سبب شهرين جي روز مرهه زندگي خراب نموني متاثر ٿي رهي آهي، ڪوئي ان وقت تائين مسلمان ناهي ٿي سگهندو، جيستائين ختم نبوت تي ايمان نه آڻي، سينيٽ ۾ چونڊ سڌارا بل تي ترميم جي مسلم ليگ ن حمايت ڪئي هئي، هن چيو ته ڌرڻي سبب شهرين جا زندگيءَ جا معمول سخت متاثر ٿي رهيا آهن، احسن اقبال چيو ته ڌرڻي وارن فيض آباد اچي ڪئمپ لڳايو، گذريل ڏهاڙي پراڻي حلف نامي کي پراڻي شڪل ۾ بحال ڪيو، پارليامينٽ پاڻمرادو ختم نبوت جي محافظ آهي، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن پنجاب عملدارن کي خاطري ڪرائي هئي ته اسلام آباد ۾ حالتون خراب نه ٿينديون، هن چيو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن خاطري ڪرائي هئي ته هڪ ٻه ڏينهن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائي هليا وينداسين، جنهن ترميم تي تڪرار ٿيو اها زاهد حامد يا حڪومت نه ڪئي، سمورين جماعتن ڪئي هئي، رستي ۾ پيل ڪنڊي کي هٽائڻ به صدقو آهي، هن چيو ته قوم کي اسلام آباد ڌرڻي جي حوالي سان اعتماد ۾ وٺڻ چاهيان ٿو، ڌرڻي سبب هڪ فوتگي به ٿي چڪي آهي، حلف نامي کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ويو آهي، عوام کي يرغمال بڻائڻ نبي پاڪ صه جي تعليمات جي خلاف آهي، ڌرڻي وارا دنيا کي غلط پيغام ڏئي رهيا آهن، ڌرڻي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، اسان خلاف پرڏيهي سازشون ٿي رهيون آهن، اسان جا فوجي جوان سرحدن تي دشمنن سان ويڙهه ڪري رهيا آهن، احسن اقبال چيو ته سومر ڏهاڙي اسلام آباد ۾ چين جو اعليٰ سطحي وفد اچي رهيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرڻي کي فوري طور ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي حالتن کي نظر ۾ رکندي مذهبي ڇڪتاڻ ڦهلائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ماڻهن کي گمراهه نه ڪرڻ گهرجي، ان سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي، حالتون خراب ٿينديون،  ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي جذبن جو قدر ڪريان ٿو، اسان سڀني کي قانون جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ پنڊي جي عوام جي تڪليف ختم ڪن ۽ احتجاج ختم ڪن، احسن اقبال ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي، احسن اقبال چيو ته اسان ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اسلام آباد ۾ سڪيورٽي لاءِ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي، شرڪت ڪندڙن کان ڌرڻو پرامن طور ختم ڪرڻ جي اپيل ڪريان ٿو، هن چيو ته مان اميد ڪريان ٿو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ پرامن طور منتشر ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Protest of wasted social social activists

شريف ڀائرن عوام کي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو آهي: پرويز الاهي

گجرات ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے