19 خميس , جولاءِ 2018

پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ختم، متحده جا تڪ بندين تي اعتراض برقرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ آئيني ترميمي بل بابت پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو. ايم ڪيو ايم جي تڪ بندين بابت اعتراض برقرار آهن. ميڊيا رپورٽن موجب آئيني ترميمي بل بابت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس ختم ٿي ويو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اياز صادق چيو ته سمورين پارٽين ۾ ختم نبوت بابت شقن کي اصل حالت ۾ بحا: ڪرڻ تي اصولي اتفاق آهي، تڪ بندين جي آئيني بل تي ايم ڪيو ايم جا خدشا برقرار آهن، جن تي هو ڳالهيون ڪندا ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس کان پهرين ايم ڪيو ايم پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اميد آهي ته سمورا معاملا قومي اسيمبلي مان  ترميم جي صورت ۾ پاس ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج طرفان سوشل ميڊيا تي پکڙيل ٿريٽ الرٽس جي ترديد

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج ملڪ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد حملن جي خطري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے